18 اتوار , نومبر 2018

نيوز: اسلام ڪوٽ: ٿر فائونڊيشن پاران جوڙيل اسپتال جو افتتاح ڪيو ويو

Islamkot: The inauguration hospital of Thar Foundation was inauguratedاسلام ڪوٽ ۾ ٿرفائونڊيشن پاران جوڙيل اسپتال جو افتتاح ڪيو ويو.

ٿر ڪول بلاڪ ٽُو ۾ اسپتال جي افتتاحي تقريب ۾ ٽائون چيئرمين ڪمليش لهاڻو، اينگرو پاورجين جي پراجيڪٽ ڊائريڪٽر عاصم سعيد ۽ جنرل مينيجر پراجيڪٽس محمد ادريس سميت ڊاڪٽرن ۽ رهواسين شرڪت ڪئي.

تقريب کي خطاب ڪندي ٽائون چيئرمين ڪمليش چيو ته گوڙاڻو ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ٿر فائونڊيشن ۽ سنڌ اينگرو ڪول مائننگ ڪمپني پاران اسپتال ڏيڻ بهترين عمل آهي، جنهن سان رهواسين کي علاج جون بهتر سهولتون ملنديون.

پراجيڪٽ ڊائريڪٽر سائيٽ عاصم سعيد چيو ته اينگرو ٽيم پاران نه رڳو مائيننگ ۽ بجلي گهر تي ڪم پيو ٿئي پر علائقي جي ترقي لاءِ پڻ جوڳا اپاءَ ورتا پيا وڃن.

جنرل مينيجر پراجيڪٽس محمد ادريس چيو ته ٻار ۽ ماءَ جي صحت لازمي هوندي انهي سلسلي جي مدنظر رکندي ٿر فائونڊيشن هڪ اهم قدم کنيو آهي.

تقريب ۾ عمير اسلم بٽ، جهان آرا ۽ ميجر نويد سميت ٻين شرڪت ڪري خطاب پڻ ڪيو……..

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ :  قائد آباد ڌماڪي  ۾ مارجي ويل 7 ڀيڻن جي سڪيلڌي ڀاءَ  حسن  کي مٽي ماءُ حوالي

ڪراچي جي قائد آباد ڌماڪي  ۾ مارجي ويل 7 ڀيڻن جي سڪيلڌي ڀاءَ   حسن  کي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے