19 پیر , نومبر 2018

سخت مقابلي بعد بيلجيئم جاپان کي 2-3 تان شڪست ڏئي ڇڏي

Belgian versus Belgianum defeated Japan by 2-3 ماسڪو(اسپورٽس نيوز) فٽبال ورلڊ ڪپ جي پري ڪوارٽر فائنل مرحلي ۾ بيلجيئم جاپان کي دلچسپ مقابلي بعد 2-3 تان شڪست ڏيندي ڪوارٽر فائنل لاءِ ڪوليفائي ڪري ڇڏيو. رستو ايرنيا ۾ کيڏيل پري ڪوارٽر فائنل ميچ جو پهريون هاف بنا ڪنهن گول جي پڄاڻي تي پهتو. ٻئي هاف جي شروعات تي جپان ٻه گول اسڪور ڪري بيلجيئم کي سخت دٻاءُ ۾ وجهي ڇڏيو. جپان جي طرفان گينگي هراگوچي 48 هين منٽ جڏهن ته تڪاشي اينوئي 52 هين منٽ ۾ گول اسڪور ڪيا. ٻه گول پوئتي هئڻ باوجود بيلجيئم همت نه هاري ۽ جان وينٽونگهن 69 هين منٽ ۾ گول اسڪور ڪري جپان تي برتري اڌ ڪري ڇڏي. 74 هين منٽ ۾ مروني فليني جي گول بيلجيئم کي جپان جي برابر ڪري بيهاريو. ميچ جي پڄاڻي وارن لمحن ۾ ناسر چڊلي شاندار گول اسڪوري ڪري بيلجيئم جي ڪاميابي کي يقيني بڻائي ڇڏيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Shafiq chalks up 4,000 runs as Pakistan eyes victory

اسد شفيق جون ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ چار هزار رنسون مڪمل

ابوظهبي (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڀلوڙ بيٽسمين اسد شفيق ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ 4 …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے