16 جمعہ , نومبر 2018

روهنگيا  مسلمانن تي ظلم: ميانمار حڪومت ڏوهارين کي سزا ڏئي: گڏيل قومون

Opposition over the Rohingya Muslims: Myanmar government punish criminals: united nationsڍاڪا/قاهرا(ويب ڊيسڪ) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل ميانمار حڪومت کي چيو آهي ته هو انهن ماڻهن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻن جنهن روهنگيا مسلمانن تي ظلم ڪيا ۽ انهن کي پنهنجي وطن مان بي دخل ٿيڻ تي مجبور ڪيو. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوٽرس ميانمار ۾ ظلمن کان تنگ اچي بنگلاديش ايندڙ روهنگيا مسلمانن جي ڪيمپن جو دورو ڪيو ۽ انهن تي ٿيندڙ ظلمن جو داستان ٻڌو. گوٽرس چيو ته ميانمار حڪومت روهنگيا مسلمانن تي ظلم ڪري انساني حقن جي کليل ڀڃڪڙي ڪئي آهي. روهنگيا عورتن گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل کي ٻڌايو ته ان تي ظلم سان گڏ زيادتي پڻ ڪئي وئي. گوٽرس چيو آهي ته روهنگيا سان اهي ظلم ڪيا ويا جا تاريخ ۾ گهٽ مثال ملندا. گوٽرس چيو ته ڪيپمن ۾ موجود ماڻهن سان يقين ۾ نه ايندڙ واقعا ٻڌا، انهن سمورن ظلمن جي ذميدار ميانمار حڪومت آهي ۽ عالمي برادري پڻ اها ظلم روڪرائڻ ۾ ناڪام رهي آهي. ميانمار حڪومت کي هر حال ۾ ڏوهارين کي سزا ڏيڻي پوندي، تقريبن 7 لک روهنگيا مسلمانن ميانمار مان لڏپلاڻ ڪري بنگلاديش ۾ ترسيل آهن. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل سان گڏ عالمي بينڪ جو سربراهه جم يونگ ڪم پڻ مهاجر ڪيمپ(ڪوڪس بازار) جو دورو ڪيو. مهاجر ڪيمپن ۾ لکين روهنگيا مهاجر انتهائي خراب صورتحال ۾ زندگي گهارڻ تي مجبور آهن.  امدادي ادارن جو چوڻ آهي ته روهنگيا پناهگير انتهائي خراب صورتحال ۾ آهن جڏهن ته کين امداد مُهيا ڪرڻ لاءِ ڍاڪا حڪومت پڻ مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

تڪراري سريلنڪن وزيراعظم راجا پاڪسا خلاف عدم اعتماد جي قرارداد منظور

ڪولمبو (ويب ڊيسڪ ) سريلنڪن پارليامنٽ تڪراري وزيراعظم مهندا راجا پاڪسا خلاف عدم اعتماد جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے