21 بدھ , نومبر 2018

نيب ڪراچي پورٽ ٽرسٽ جي اڳوڻي چيئرمين جاويد حنيف کي گرفتار ڪري ورتو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) قومي احتساب بيورو نيب ڪراچي پورٽ ٽرسٽ جي اڳوڻي چيئرمين جاويد حنيف کي گرفتار ڪري ورتو آهي.نيب طرفان جاري ڪيل بيان موجب جاويد حنيف تي اختيارن جي غلط استعمال، کاتي ۾ غير قانوني ڀرتين ۽ اداري کي 2 ارب 80 ڪروڙ رپيه نقصان پهچائڻ جو الزام آهي. نيب موجب جوابدار کي ڪراچي ۾ سندس رهائشگاهه تان گرفتار ڪيو ويو آهي، هو ڪي پي آفيسرن خلاف جاچ ۾ گهربل هو. پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته جاويد حنيف تي اختيارن جي غلط استعمال سان 940 ملازمن کي ڀرتي جو الزام آهي ۽ اهي ڀرتيون هن تنهن وقت جي وزير بابر غوري جي مدد سان ڪيون. نيب جي پڌرائي ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته کاتي ۾ ڀرتي ٿيلن جو وڏو تعداد دهشتگردي جهڙي سنگين ڏوهن جو رڪارڊ رکندڙ هو جڏهن ته غير قانوني مقررين سان قومي ناڻي کي 2 ارب 90 ڪروڙ رپين جو نقصان پهتو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

آرمي چيف سان ڪيمبرين پيٽرول ۾ گولڊ ميڊل کٽيندڙ ٽيم جي ملاقات

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) پاڪ فوج جي شعبي (آءِ ايس پي آر) جو چوڻ آهي ته آرمي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے