19 پیر , نومبر 2018

ٿائيلينڊ جي غار ۾ ڦاٿل 12 ٻارن جو پتو پئجي ويو

Addressing 12 children in Thailand's cave was pizzaبئنڪاڪ(ويب ڊيسڪ) ٿائيلينڊ جي غار ۾ ڦاٿل 12 نوجوان فٽبالرن ۽ سندن ڪوچ جي حوالي سان اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته اهي سڀ زندا آهن ۽ هڪ غار ۾ صيحيح حالت ۾ موجود آهن. برطانوي خابرو بي بي سي جي رپورٽ موجب ٿائيلينڊ جي فوج جو چوڻ آهي ته غار ۾ فاٿل سمورا ماڻهو زندا آهن پر انهن کي واپسي لاءِ غوطه خوري سکڻي پوندي يا وري مهينن تائين ٻوڏ جي گهٽ ٿيڻ جو انتظار ڪرڻو پوندو. ياد رهي ته 12 نوجوانن ۽ سندن فٽبال ڪوچ تي ٻڌل اهي ٻه گروپ 9 ڏينهن اڳ گم ٿي ويا هئا، جن جي نشاندهي ڪرڻ لاءِ برطانيا جي 2 ٽوٻن  اهم ڪردار ادا ڪيو. جڏهن ته هن وقت گروپ کي بچائڻ لاءِ سڀ کان اهم شيءَ انهن تائين پهچڻ آهي ڇو ته انهن لاءِ سڀ کان وڏو مسئلو پاڻي جو وڌڻ آهي. غار ۾ ڦاٿل ماڻهن جي ڳولا لاءِ ٿائي نيوي جي خاص دستن گذريل رات آپريشن شروع ڪيو، جنهن ۾ 2 برطانوي ٽوٻن پڻ حصو ورتو. ان حوالي سان ٿائي لينڊ جي طرفان فيسبڪ تي هڪ ويڊيو شيئر ڪئي وئي، جنهن ۾ ڇوڪرن کي پاڻي جي مٿان مٽي جي ڍير تي ويٺل ڏيکاريو ويو ۽ اهي ٽوٻن کي جواب ڏئي رهيا آهن ته هو سڀ هتي موجود آهن ۽ کين تمام گهڻي بک لڳي آهي. ان دوران گروپ طرفان ٽوٻن کان سوال ڪيو ته هنن کي  ڪيستائين هتي رهڻو پوندو ۽ ڇا هو هتان کان واپس وڃي سگهندا؟ جنهن ٽوٻن کين چيو ته انتظار ڪيو ماڻهو توهان کي واپس وٺي وڃڻ لاءِ آيا آهن. گم ٿيل ٻارن حوالي سان سامهون آيل ويڊيو قوم ۾ هڪ اميد جي لهر پيدا ڪئي آهي ٻارن جي وارثن پڻ خوش آهن ڇو ته ان کان اڳ اهو پتو نه هو ته اهي ڪٿي آهن ۽ اهي زندا به آهن يان نه.  ٿائيلينڊ جي موجودا صورتحال ۾ غار ۾ ڦاٿل ٻارن کي صيحيح سلامت اتان ڪڍڻ سب کان وڌيڪ خطرناڪ ڪم آهي. اتر ٿائيلنڊ ۾ ٿم لوانگ غار کي برسات جي مند ۾ ٻوڏ جي صورتحال پيش ايندي آهي جيڪا سپمبر يا آڪٽوبر تائين جاري رهندي آهي. پر ان باوجود اختيارين موجب جيڪڏهن ٻار ان وقت کان اڳ واپس اچڻ چاهن ٿا ته کين ٽوٻن جيان بنيادي تربيت سکڻي پوندي پر ماهرن چيو آهي ته غيرتربيت يافته ٽوٻن لاءِ  گند ڪچري واري پاڻي ۾ ترڻ انهتائي خطرناڪ ٿي سگهي ٿو.  هوڏانهن جيڪڏهن ٻار پاڻي جي گهٽ ٿيڻ جو انتظار ڪن ٿا ته ان لاءِ کين مهينن تائين انتظار ڪرڻو پوندو ۽ ان دوران هنن مسلسل خوراڪ ۽ ٻيون شيون فراهم ڪرڻيون پونديون. .ياد رهي ته غار ۾ فاٿل 12 ٻار مقامي فٽبال ٽيم جا رانديگر آهن ۽ سندن ڪوچ ڪڏهن ڪڏهن اهڙن دورن تي ٽيم کي وٺي ويندو هو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جدي ۾ قيد پاڪستانين جي ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل

پشاور(ويب ڊيسڪ) جدي ۾ قيد پاڪستانين جو ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيو آهي، جنهن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے