18 اتوار , نومبر 2018

ڪرپشن جي الزامن تي ملائيشيا جو اڳوڻو وزيراعظم گرفتار

The charges of corruption arrested the former Prime Minister of Malaysiaڪوالامپور(ويب ڊيسڪ) ملائيشيا جي اڳوڻي وزيراعظم نجيب رزاق کي سرڪاري ناڻي ۾ ڳوٻهين جي الزامن ۾ اينٽي ڪرپشن پوليس گرفتار ڪري ورتو.  پرڏيهي خابرو اداري موجب اينٽي ڪرپشن ٽيم ملائيشيا جي اڳوڻي وزيراعظم نجيب رزاق کي سندس گهر مان گرفتار ڪري ورتو آهي. اڳوڻي وزيراعظم کي سڀاڻي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جا امڪان آهن جنهن لاءِ پوليس چالان تيار ڪري ورتو آهي. ان کان اڳ جاچ اداري اڳوڻي وزيراعظم جي گهر ۽ آفيس ۾ ٻن الڳ الڳ ڇاپن دوران 273 ملين ڊالرن جا اثاثا هٿ ڪيا هئا. ملائيشيا جي اڳواڻي وزيراعظم نجيب رزاق وٽان هٿ آيل اثاثن جي ماليت لڳ ڀڳ 273 ملين ڊالر ٺهي ٿي جن ۾ 12 هزار کان وڌيڪ زيور، 423 مهانگيون گهڙيون،  مشهور برانڊن جون عينڪون ۽ 567 هينڊ بيگز آهن جيڪي اڳوڻي وزيراعظم ۽ سندس گهرواري روسماءَ منصور جي استعمال هيٺ هئا. ياد رهي ته ملائيشيا جي نئين وزيراعظم مهاتير محمد جي ذميداريون سنڀاليندي ئي اڳوڻي وزيراعظم نيجب رزاق تي سرڪاري ناڻي ۾ چار ارب ڊالرن جي ڳوٻهين جي الزامن جي جاچ جو حڪم ڏنو جنهن تي عمل ڪرڻ لاءِ اڳوڻي وزيراعظم ۽ سندس گهرواري جي پرڏيهي سفر تي پابندي لاڳو ڪئي وئي هئي. جڏهن ته اڳوڻي وزيراعظم پاڻ مٿان لڳايل سمورا الزام رد ڪيا هئا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جمال خاشقجي جو قتل سعودي عرب جو گهرو معاملو آهي: عادل الجبير

رياض ( ويب ڊيسڪ ) سعودي عرب جمال خاشقجي جي قتل کي عالمي معاملو مڃڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے