18 اتوار , نومبر 2018

ڪارڪردگي جي بنياد تي چونڊن ۾ مقابلو ڪنداسين، ڪاميابي پ پ جي ٿيندي: ڪرشنا ڪماري

We will compete on the basis of performance, will be successful: Krishna Kamariعمر ڪوٽ(ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جو  ٿرپاڪر  جي شهر ننگر پارڪر ۾ ورڪر ڪنونشن ٿيو. پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيٽر ڪرشنا ڪماري سينيٽر گيانچند، راڻا همير سنگهه، قاسم سراج سومرو، اڳوڻو صوبائي وزير ڊاڪٽر کٽومل جيوڻ ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو آهي ته پيپلز پارٽي ٿر پارڪر سميت سڃي ملڪ ۾ ڀرپور ڪاميابي ماڻيندي. سينيٽر ڪرشنا ڪماري خطاب ڪندي چيو ته پ پ پنهنجي ڪارڪردگي جي بنياد تي چونڊن ۾ مقابلو ڪندي هن چيو ته بلاول ڀٽي جي قيادت ۾ پيپلز پارٽي ڀرپور عوامي مقبوليت حاصل ڪندي، پيپلز پارٽي سدائين اقليت جي حقن جي ڳالهه ڪئي آهي ۽ اقليتي عوام به سدائين پيپلز پارٽي تي ڀرپور اعتماد جو اظهار ڪيو آهي پاڪستان ۾ رهندڙ اقليتي عوام سچي محب وطن آهي، پيپلز پارٽي سدائين عوام جي خدمت ڪئي آهي. ورڪرز ڪنونشن کي پيپلز پارٽي جي قومي ۽ صوبائي اميدوارن راڻا همير سنگهه، قاسم سراج سومرو، ڊاڪٽر مهيش ملاڻي، پيرنور محمد شاهه جيلاني، اڳوڻي صوبائي وزير ڊاڪٽر کٽومل پونجومل وغيرا وڪرز ڪنونش کي خطاب ڪندي چيو ته پيپلز پارٽي عوام جي جماعت آهي ۽ پيپلز پارٽي گذريل ڏهن سالن ۾ ٿر ۾ اربين رپين جا ريڪارڊ ترقياتي ڪم ڪريا آهن ٿر ۾ تعليم صحت پيئن جي پاڻي جي فراهمي سميت ٿر ۾ روڊن جو ريڪارڊ ڪم ڪرائي عوام کي هر ممڪن سهولت ڏني آهي هنن چيو ته هو هن تڪ ۾ عوام جي خدمتن جو جذبو کڻي چونڊن  ۾ آيا آهن ۽ انشاءَ الله عوام جي اعتماد تي پورو لهنداسين.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪراچيءَ ۾ سامونڊي حدن جي ڀڃڪڙي تي 12 ڀارتي مهاڻا گرفتار

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) ميرين ٽائيم ايجنسي سامونڊي حدن جي ڀڃڪڙي تي 12 ڀارتي مهاڻن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے