14 بدھ , نومبر 2018

اقتدار لاءِ جهڪندڙ جو ڳاٽ اوچو نٿو ٿي سگهي: خورشيد شاهه

سکر (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳوڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته جمهوريت جي دعويدار رڳو پ پ آهي، ڇو ته ان قربانيون ڏنيون آهن، هر هنڌ جهڪڻ نٿا چاهيون، اقتدار لاءِ جهڪندڙ جو ڳاٽ اوچو ناهي هوندو. سکر ۾ ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته اسان جمهوريت چاهيون ٿا، پ پ چونڊن ۾ اهميت اجاڳر ڪندي، رياست کي جمهوريت سان ڳنڍي ترقي ڏيارڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته سوچڻو پوندو پ پ جمهوريت لاءِ ايتريون قربانيون ڇو ڏنيون آهن، جمهوريت جي دعويدار رڳو پ پ ئي آهي، ڇو ته ان قربانيون ڏنيون آهن. سندس چوڻ هو ته عوام تي پيٽرول بم ڪيرايو ويو، نگران حڪومت ڪيئن ٿي ٽيڪس لڳائي سگهي؟ فيصلا ميرٽ تي نه ٿيندا ته عوام کي ڪڏهن به حق نه ملندا. خورشيد شاهه مطالبو ڪيو ته پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ جو فيصلو واپس ورتو وڃي، پ پ اڄ ۽ سڀاڻي به عوام لاءِ احتجاج ڪندي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڇا احتساب رڳو چونڊيل سياستدانن جو ئي ٿيڻو آهي: بختاور زرداري

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي نياڻي بختاور ڀٽو زرداري چيو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے