16 جمعہ , نومبر 2018

شهباز شريف جي ترقي اڄ لاهور ۾ بي نقاب ٿي وئي: عمران خان

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) Parliamentary attack case: Imran Khan's petition to approve Imran Khanپاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته ڪرپشن جي لاءِ وڏا وڏا منصوبا شروع ڪيا ويا هئا، شهباز شريف جي ترقي اڄ لاهور ۾ بي نقاب ٿي وئي، شهباز شريف کي گهرائي پڇيو وڃي ته جاني نقصان جو ذميوار ڪير آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. عمران خان چيو ته اورنج ٽرين جي هيٺان ٻوڏ آيل آهي، مال روڊ ويهي ويو آهي ٺيڪ ڪرڻ ۾ اربين رپيا لڳندا، شهباز شريف جي ترقي جي اڄ لاهور ۾ پت وائکي ٿي پئي. هن چيو ته پيسا ايمانداري سان خرچ ٿين ها ته لاهور هو اِهو حال نه هجي ها. 40 ارب رپيا رڳو اشتهارن تي خرچ ڪيا، ماڻهن کي بيوقوف بڻايو ويو. عمران خان چيو ته ن ليگ جا اڳواڻ به ڄاڻن ٿا ته مي فيئر فليٽ شريف فيملي جا آهن، عدالت ۾ ثابت ٿي ويو ته لنڊن ۾ ملڪيتون شريف فيملي جون آهن، ماڻهن کي ٻڌائڻو پوندو ته منهنجو نظريو هي آهي ان ڪري اسان کي ووٽ ڏيو. هن چيو ته پاڻي جو مسئلو سنگين ٿيندو پيو وڃي، ماضي ۾ ڊيم بڻائڻ تي ڌيان نه ڏنو ويو، جهنگن جي واڍ ٿي، وڻ ناهن لڳايا ويا مسئلو وڌيڪ سنگين ٿيندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وڏي هئڻ جي حيثيت سان فواد چوڌري کي صلاحون ڏيندو رهندو آهيان: صدر عارف علوي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ملڪ جي صدر عارف علوي جو چوڻ آهي وڏو هئڻ جي حيثيت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے