20 منگل , نومبر 2018

رپورٽ: ماروي سنڌو آپگهات ڪرڻ جي ڪوشش وارين خبرن جي ترديد ڪري ڇڏي

The Marvi sindhu government has declined its efforts to annihilate the news* سنڌ جي نامياري فنڪارا ماروي سنڌو ڪارو پٿر کائي آپگهات ڪرڻ وارين خبرن جي ترديد ڪري ڇڏي آهي.

گذريل ڏينهن موري جي ٻانڌي روڊ جي رهواسڻ مشهور ڳائڻي ماروي سنڌو پاران ڪارو پٿر کائي آپگهات ڪرڻ جي خبر ميڊيا جي زينت بڻي.

ميڊيا جي رپورٽن موجب مارئي سنڌو ذاتي پريشانين سبب ڪارو پٿر پي آپگهات جي ڪوشش ڪئي.

فنڪارا کي مورو جي اسپتال مان طبي امداد ڏيڻ بعد کيس نوابشاهه جي پي ايم يو اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتان علاج بعد طبيعت بهتر ٿيڻ تي کيس گهر روانو ڪيو ويو.

فنڪارا پاران آپگهات جي ڪوشش واري خبر سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي.

چيو پيو وڃي ته مارئي سنڌو جي مڱڻي بعد کيس چاهيندڙ موري واسي نوجوان مهر علي ٻرڙي ڪارو پٿر کائي آپگهات ڪيو هو ۽ سوشل ميڊيا تي پنهنجي موت جو ذميوار ماروي سنڌو کي قرار ڏنو هو.

نوجوان پاران ڪارو پٿر کائڻ واري وڊيو وائرل ٿيڻ بعد سوشل ميڊيا تي نوجوان جي موت جو ذميوار مارئي سنڌو کي قرار ڏئي مٿس سخت تنقيد ڪئي پئي وڃي، جنهن ڪري هو تمام گهڻو پريشان هئي.

ٻڌايو پيو وڃي ته سوشل ميڊيا تي الزامن بعد ماروي سنڌو ڪارو پٿر پي زندگيءَ جو انت آڻڻ جي ڪوشش ڪئي، ان کان اڳ به فنڪارا مارئي سنڌو ٻه ڀيرا آپگهات جي ڪوشش ڪري چڪي آهي….

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ : سنڌ جي ڪرشنا ڪماري دنيا جي 100 بااثر شخصيتن ۾ شامل

پاڪستاني سينيٽر ۽ انساني حقن جي ڪارڪن ڪرشنا ڪماري کي بي سي 2018ع جي بااثر …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے