15 جمعرات , نومبر 2018

مينهن سبب پيدا ٿيل صورتحال جي ذميوار نگران حڪومت آهي: شهباز شريف

لاهور(ويب ڊيسڪ) پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير شهباز شريف جو چوڻ آهي ته نگران حڪومت چوماسي جي مينهن کان پهرين ڪو به بندوبست نه ڪيو ويو ان ڪري مينهن سبب پيدا ٿيل سموري صورتحال جي ذميوار نگران حڪومت آهي. لاهور ۾ طوفاني مينهن کان پوءِ شهباز شريف پنهنجي تڪ اين اي 132جي دوري تي نڪتو جتي ڪارڪنن سندس گاڏي تي گل نڇاور ڪيا. ميڊيا سان ڳالهائيندي شهباز شريف چيو ته لاهور جي صورتحال جي ذميوار نگران حڪومت آهي جنهن بندوبست نه ڪيا. موسميات کاتي موجب لاهور ۾ صبح کان هن وقت تائين 252 ملي ميٽر کان وڌيڪ مينهن ريڪارڊ ڪيو ويو آهي جتي واسا هيڊ آفيس ۾ 183، اپرمال ۾ 180، مغل پوره ۾ 185 ۽ تاج پوره ۾ 170 ملي ميٽر بارش ريڪارڊ ڪئي وئي. لاهور جي صورتحال تي پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير شهباز شريف ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته نگران حڪومت چوماسي مينهن کان پهرين ڪو به بندوبست نه ڪيو، نگران حڪومت کي هڪ مهينو ٿي ويو آهي پر هن صوبي ڏانهن ڌيان ناهي ڏنو. هن چيو ته مينهن ۾ مون سميت سمورا وزير ۽ آفيسر روڊن تي هوندا هئا ۽ چوماسي مينهن کان هڪ مهينو اڳ ڊرينن جي صفائي ڪرائڻ هوندي آهي جيڪا ناهي ڪرائي وئي. شهباز شريف جو چوڻ آهي ته لاهور ۾ مينهن وسڻ جي 16 ڪلاڪن بعد ياد آيو ته ٻاهر نڪري وٺو وڃي پر مينهن سبب پيدا ٿيل صورتحال جي سموري ذميوار نگران حڪومت آهي. ٻئي پاسي مسلم ليگ ن جي اڳواڻ مريم اورنگزيب جو چوڻ آهي ته عمران خان کي خبر هئڻ گهرجي ته شهباز شريف هاڻ وڏو وزير ناهي جڏهن ته شهباز شريف جي دور ۾ ڪڏهن به بارش بعد اهو حال ناهي ٿيو ان ڪري موجوده صورتحال جي ذميوار نگران حڪومت آهي. هن چيو ته اڌ پاڪستان وٽ تعليم جا موقعا موجود ناهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيب چيئرمين سيف سٽي منصوبو غير فعال هجڻ جو نوٽيس ورتو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيب چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال سيف سٽي منصوبو غير فعال …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے