16 جمعہ , نومبر 2018

خبر ناهي ته فهد مون کي باجي ڇو چوندو آهي: ماهرا خان

ڪراچي (شوبز نيوز) پاڪستان جي ڪامياب ترين اداڪارا ماهرا خان چيو آهي ته مان جمائما خان کي پسند ڪندي آهيان ۽ ان مان ڏاڍي متاثر آهيان. پنهنجي تازي انٽرويو ۾ ماهرا خان جو چوڻ هو ته جمائما خان منهنجي پسنديدا شخصيت آهي، آئون ان مان ڏاڍي متاثر آهيان. هن چيو ته مان ميشا شفيع جي سپورٽ اصولي طور ڪئي، پوءِ خديجا جي حمايت ڪئي، ڇاڪاڻ ته هڪ معصوم ڇوڪريءَ تي ڏينهن ڏٺي حملو ڪيو ويو ۽ ڏوهاري آزاد ٿي ويو. سندس چوڻ هو ته مون کي ناهي خبر ته فهد مصطفيٰ مون کي باجي ڇو چوندو آهي پر ان سان منهنجي دوستي تمام سٺي آهي ۽ اسان ٻئي ڪڏهن گڏ ڪم ناهيون ڪري سگھيا، جيتوڻيڪ آڇون به کوڙ ٿيون آهن، شهريار منور مون کي مني مبي سڏيندو هو، هڪ ڏينهن مان هن کان پڇيو ته مون کي مني ڇو سڏيندو آهين، تون ته ماڻ منو آهين. ماهرا خان حمزا علي عباسي بابت چيو ته هو سچو انسان آهي ۽ حق لاءِ وڙهندو آهي. 27

هي به ڏسي سگهو ٿا

Deepika Padukone’s engagement ring is as lavish as her wedding. See pics

رنوير طرفان پنهنجي ڪنوار دپيڪا کي ڏنل پهرين تحفي جا چرچا

ممبئي ( شوبز نيوز ) رنوير سنگهه پنهنجي ڪنوار دپيڪا پڊڪون کي قيمتي منڊيءَ جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے