19 پیر , نومبر 2018

ٽه ملڪي سيريز ۾ سڀاڻي پاڪستان ۽ زمبابوي آمهون سامهون

هراري (اسپورٽس نيوز) ٽه ملڪي ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ سڀاڻي پاڪستاني ٽيم زمبابوي خلاف ميدان تي لهندي. قومي ٽيم اڄڪلهه زمبابوي جي دوري تي موجود آهي، جيڪا سڀاڻي ميزبان ٽيم خلاف ٻيو ڀيرو هراري جي ميدان تي آمهون سامهون ٿيندي. ٽه ملڪي سيريز جي پهرين ميچ ۾ قومي ٽيم زمبابوي کي شڪست ڏني هئي، جڏهن ته ٻي ميچ ۾ گرين شرٽس کي آسٽريليا هٿان شڪست جو منهن ڏسڻو پيو. زمبابوي جي ٽيم آسٽريليا خلاف به ميچ هارائي وئي، جڏهن ته آسٽريلوي ٽيم ٻئي ميچون کٽي پوائٽس ٽيبل تي پهرين نمبر تي موجود آهي. ٽه ملڪي سيريز جو فائنل ٻن ٽاپ ٽيمن وچ ۾ فائنل 8 جولاءِ تي کيڏيو ويندو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان کي ابوظهبي ٽيسٽ کٽڻ لاءِ 176 رنسن جو ٽارگيٽ

ابوظهبي (اسپورٽس نيوز) ابوظهبي ٽيسٽ جي ٽئين ڏينهن نيوزيلينڊ جي ٽيم ٻي اننگز ۾ 249 …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے