13 جمعرات , دسمبر 2018

پنجاب جي نگران وڏي وزير جو مينهن متاثر علائقن جو دورو، انتظاميا کي هدايتون ڏنيون

لاهور(ويب ڊيسڪ) صوبائي راڄڌاني ۾ 16 ڪلاڪن تائين لڳاتار مينهن کان پوءِ نگران سرڪاري کي هوش اچي ويو، پنجاب جو نگران وڏو وزير حسن عسڪري مينهن جي متاثر علائقن ۾ پهتو ۽ انتظاميا کي پاڻي ڪڍڻ ۽ شهرين جون ڏکيائون حل ڪرڻ جي لاءِ هدايت ڪئي. تفصيل موجب لاهور ۾ ٿيل مينهن شهرين کي سخت پريشان ڪري وڌو، پاڻي گهرن ۾ داخل ٿي ويو پر انتظاميا جو ڪٿي به نالو نشان نظر ناهي آيو، وسڪارو بند ٿيو ته نگران حڪومت کي به شهرين جي حالت ڏسڻ جو خيال آيو. پنجاب جو نگران وڏو وزير حسن عڪري مينهن متاثر علائقن ۾ پهتو ۽ انتظاميا کي مسئلي جي فوري حل جي لاءِ هدايت ڪئي. حسن عسڪري جو چوڻ هو ته 30 سال پهرين ايترو مينهن وسيو هو پر هاڻ نيڪالي وارو ڪم تيزي سان جاري آهي، ڪم نه ٿيڻ جي ڪري پاڻي اورنج لائين جي هيٺ تائين ويو جيڪڏهن ڪم ناهي ٿي رهيو هجي ها ته شايد پاڻي هيٺ نه وڃي ها. مال روڊ تي پيل کڏن تي ڳالهائيندي هن چيو ته جاچ جي لاءِ انويسٽي گيشن ڪميٽي بڻائي آهي، ڪميٽي جي رپورٽ اچڻ ۾ ڪجهه ڏينهن لڳندا، ان کان پوءِ خبر پوندي ته کڏ ڪيئن ٿي، ان بعد ذميوارن کي هٿ ڪيو ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

يمن ۾ 2016 کانپوءِ 60 هزار ماڻهو مارجي چڪا

صنعا (ويب ڊيسڪ) يمن ۾ جاري گهرو ويڙهه سبب 2016 کانپوءِ 60 هزار ماڻهو پنهنجون …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے