21 بدھ , نومبر 2018

اتر ڪوريا سان ڳالهيون هاڪاري انداز ۾ جاري آهن: ٽرمپ

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته اتر ڪوريا سان ڳالهيون هاڪاري انداز ۾ جاري آهن. آمريڪي صدر جي هڪ ٽوئيٽ موجب سموري ايشيا ۾ ٿرٿلو مچيل آهي پر رڳو ڪوڙيون خبرون پکيڙيندڙ دانهون ڪري رهيا آهن. سندس بقول گذريل 8 مهينن کان اتر ڪوريا ڪو ميزائل يا جوهي تجربو ناهي ڪيو. ٽرمپ جو اهو ٽوئيٽ اهڙي وقت ۾ سامهون آيو آهي، جڏهن آمريڪي پرڏيهي وزير مائيڪ پومپيو 5 جولاءِ تي اتر ڪوريا وڃي رهيو آهي. سندس دوري جو مقصد ٻيٽ جهڙي ڪوريا کي هٿيارن کان پاڪ ڪرڻ لاءِ جاري ڪوششن جو جائزو وٺڻ آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ايوانڪا ٽرمپ جي ذاتي اڪائونٽ مان سرڪاري اي ميلز موڪلڻ جو انڪشاف

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)آمريڪي صدر جي ڌيءُ  ايوانڪا ٽرمپ اهم سرڪاري اي ميلز موڪلڻ لاءِ پنهنجو ذاتي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے