15 جمعرات , نومبر 2018

جيپ جو نشان خلائي مخلوق جو نشانو بڻجندو پيو وڃي: مريم نواز

لنڊن(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف جي ڌيءَ مريم نواز جو چوڻ آهي ته هو ۽ سندس پيءُ پاڪستان وڃڻ جي لاءِ تيار ويٺا آهن، ماءُ جي حالت بهتر ٿيندي ئي پاڪستان هليا وينداسين. لنڊن ۾ صحافين سان ڳالهائيندي مريم نواز چيو ته وفاداري ڪنهن تبديل ناهي ڪئي پر وفاداري تبديل ڪرائي وئي آهي. هن چيو ته ماڻهن کي زبردستي شينهن جي نشان تان لاهي جيپ ۾ سوار ڪرايو پيو وڃي، جيپ جو نشان خلائي مخلوق جو نشان بڻجندو پيو وڃي، جيپ کي ڏنل ووٽ خلائي مخلوق کي ڏنو ويندو. مريم نواز چيو ته ميان صاحب ادارن جي باري ۾ ڪا به غلط ڳالهه ناهي ڪئي. ميان صاحب جي اهو چوڻ ۾ ڇا غلط آهي ته ادارا پنهنجي حدن ۾ رهن. ان کان سواءِ ميان نواز شريف جي پٽ حسين نواز چيو ته ماءُ جي ڦڦڙن جي سرجري ڪامياب رهي. هن ٻڌايو ته ننڍي پر ضروري سرجري هئي ۽ ڪلثوم نواز هن وقت تائين وينٽي ليٽر تي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نوجوانن کي تعليم، صحت ۽ روزگار جي فراهمي پهرين ترجيح آهي: وزيراعظم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته نوجوانن کي تعليم، صحت ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے