15 جمعرات , نومبر 2018

جنرل زبير محمود حيات جي صدارت هيٺ جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جو اجلاس

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل زبير محمود حيات جي صدارت هيٺ ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾  ٽنهي هٿياربند فوجن جي سربراهن شرڪت ڪئي. جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جي اجلاس ۾ بچاءَ واري وزارت ۽ دفاعي پيداوار جي اختيارين به شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ دهشتگردي جي خاتمي جي عزم جو اظهار ڪيو ويو. ڪميٽي طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب اجلاس ۾ علائقائي سيڪيورٽي صورتحال تي غور ويچار ڪيو ويو، جڏهن ته پاڪ – افغان بارڊر تي ڪنڊي دار تار لڳائڻ جو معاملو به غور هيٺ آيو. جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي کي ملڪ جي هٿياربند فوجن جي روايتي ۽ غير روايتي صلاحيتن تي به بريفنگ ڏني وئي، جڏهن ته هٿياربند فوجن جي صلاحيتن تي اطمينان جو اظهار ڪيو ويو. ڪميٽي ۾ دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي پاڙئون پٽڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ويو. شرڪت ڪندڙن چيو ته سي پيڪ منصوبي جي مڪمل سيڪيورٽي يقيني بڻائي ويندي. جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جي ان اهم اجلاس ۾ هٿياربند فوجن جي آپريشنل تيارين تي به مڪمل اطمينان جو اظهار ڪيو ويو. ڪميٽي جي پڌرائيءَ موجب دهشتگردي جي خاتمي لاءِ هٿياربند فوجن جون قربانيون قدر جوڳيون آهن.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

اسلام آباد: ريڊ زون ۾ بنا سڃاڻپ ڪارڊ جي اچڻ تي پابندي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وفاقي راڄڌاني اسلام آباد جي ريڊ زون ۾ بنا سڃاڻپ ڪارڊ جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے