17 ہفتہ , نومبر 2018

بلاول ڀٽو زرداري کي لياري مان ريلي ڪڍڻ تي شوڪاز نوٽيس جاري

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي لياري ۾ بنا اجازت جي ريلي ڪڍڻ تي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو. تفصيل موجب اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي ضابطا اخلاق جي ڀڃڪڙي تي نوٽيس جاري ڪندي 5 جولاءِ تي جواب طلب ڪري ورتو. نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته قانون موجب ريلي ڪڍڻ کان 3 ڏينهن پهرين اين او سي وٺڻ لازمي اهي جڏهن ته بلاول ڀٽو انتظاميا کان اڳي ئي اجازت وٺڻ کان سواءِ ريلي ڪڍي، 3 ڏينهن پهرين ريلي جي اجازت  وٺي ها ته سيڪيورٽي جي انتظاميا ڪري سگهجن ها.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Model Town case: SC to hear petition for formation of new JIT

ماڊل ٽائون سانحو: جاچ لاءِ نئين جي آءِ ٽي جوڙڻ واري درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر

لاهور (ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ ماڊل ٽائون سانحي جي جاچ لاءِ نئين جي آءِ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے