15 جمعرات , نومبر 2018

مون کي نٿو لڳي ته ايون فيلڊ جي فيصلي بعد نواز شريف کي گرفتار ڪيو ويندو: خواجا آصف

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي پرڏيهي وزير خواجا آصف چيو آهي ته مون کي نٿو لڳي ته ايون فيلڊ جو فيصلو خلاف اچڻ کان پوءِ نواز شريف کي گرفتار ڪيو ويندو. ميڊيا سان ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته ڪيس ۾ خواجا حارث سٺي وڪالت ڪئي آهي، فيصلو حق ۾ اچڻ جي اميد آخر تائين هئڻ تائين گهرجي. فيصلي بابت ڪير به افواهه نٿو پکيڙي سگهي. ميان صاحب کي هاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ ۾ اپيل جو اختيار آهي. هن چيو ته جهڙيون به حالتون هجن، خدا جي ذات مان ڪڏهن به مايوس ناهيون ٿيا، نواز شريف ۽ شهباز شريف نقطه نظر ۾ فرق آهي جڏهن ته 85 سيڪڙو ماڻهن جو ذهن بڻايو ويو آهي ته ووٽ ڪنهن کي ڏيڻو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نوجوانن کي تعليم، صحت ۽ روزگار جي فراهمي پهرين ترجيح آهي: وزيراعظم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته نوجوانن کي تعليم، صحت ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے