18 اتوار , نومبر 2018

آشيانا اقبال اسڪينڊل ڪيس: عدالت جوبدارن جي جوڊيشل ريمانڊ ۾ 9 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي

Ashiana Iqbal Scandal Case: Court has increased 9 days in judicial remandلاهور(ويب ڊيسڪ) آشيانا اقبال اسڪينڊل ڪيس جي ٻڌڻي ۾ احتساب عدالت جوابدارن جي جوڊيشل ريمانڊ ۾ 9 ڏينهن جي واڌ ڪندي 13 جولائي تي کين ٻيهر پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. تفصيل موجب اڳوڻي ڊي جي ايل ڊي احد چيما سميت 6 جوابدارن جي خلاف آشيانا اقبال اسڪينڊل ڪيس جي ٻڌڻي احتساب عدالت ۾ ٿي.  ان موقعي تي جوابدار احد چيما کي احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.ڪيس جي ٻڌڻي دوران نيب پنهنجي موقف ۾ عدالت کي ٻڌايو ته آشيانا اقبال ۾ 61 هزار شهرين درخواستون جمع ڪرايون، ان اسڪينڊل ۾ احد چيما ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪئي ۽ ملڪي ناڻي کي وڏو نقصان پهچايو جڏهن ته نيب ريفرنس 3 هزار کان وڌيڪ صفحن تي ٻڌل آهي. جنهن بعد احتساب عدالت جوابدارن جي جوڊيشل ريمانڊ ۾ 9 ڏينهن جي واڌ ڪندي 13 جولائي تي کين  ٻيهر پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو .

هي به ڏسي سگهو ٿا

پارليامينٽ ۾ قبرستان جهڙي خاموشي اختيار ڪئي ته ملڪ نه هلندو: فواد چوڌري

لاهور ( ويب ڊيسڪ )  سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے