20 منگل , نومبر 2018

خاص عدالت احسن اقبال تي فائرنگ ڪندڙ 5 جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو

On the special court Ahsan Iqbal, the five accused were sentenced to indictmentگوجرانوالا(ويب ڊيسڪ) خاص عدالت اڳوڻي گهرو وزير احسن اقبال تي فائرنگ ڪندڙ 5 جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪر ڇڏيو. ميڊيا جي رپورٽن موجب احسن اقبال تي فائرنگ خلاف ڪيس جي ٻڌڻي خاص عدالت ۾ ٿي، ان موقعي تي عدالت اڳوڻي گهرو وزير احسن اقبال تي فائرنگ ڪندڙ 5 جوابدارن مٿان فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو. سمورن جوابدارن ڏوهه قبولڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.ٻڌڻي دوران ڪيس جي مرڪزي جوابدار عابد حسين عدالت کان سرڪاري وڪيل مقرر ڪرڻ جي استدعا ڪئي . جنهن کي عدالت منظور ڪندي شازيه همايون ايڊووڪيٽ کي جوابدار عابد حسين جي وڪيل مقرر ڪيو ويو .ياد رهي ته جوابدار عابد حسين فائرنگ ڪري اڳوڻي گهرو وزير احسن اقبال کي زخمي ڪري وڌو هو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سبي: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ ٻه ڄڻا قتل، هڪ زخمي

سبني (ويب ڊيسڪ ) بلوچستان جي ضلعي سبي ۾ اڻڄاتل هٿياربندي جي فائرنگ ۾ ٻه …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے