19 پیر , نومبر 2018

سرڪاري رهائشگاهن بابت ڪيس: سپريم ڪورٽ ۾ چئني صوبن جا آءِ جيز طلب

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ سرڪاري رهائشگاهن بابت ڪيس ۾ چئني صوبن جي آءِ جيز پوليس کي جمعي تي طلب ڪري ورتو. چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ثاقب نثار سرڪاري رهائشگاهن بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ان موقعي ته ايڊيشنل اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته سرڪاري رهائشگاهن بابت آءِ جي سهڪار ناهن ڪري رهيا ۽ رڳو اسلام آٻاد ۾ 200 سرڪاري رهائشگاهن تي پوليس وارن جو قبضو آهي. ايڊيشنل اٽارني جنرل وڌيڪ ٻڌايو ته ان حوالي سان آءِ جي اسلام آباد کي چيو پر هو سهڪار ناهي ڪري رهيو جڏهن ته ڪراچي ۾ پڻ اهڙي قسم جي صورتحال آهي. چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته آءِ جي سهڪار ڇو  ناهن ڪري رهيا، ڇا انهن کي گهرائي وٺون، آءِ جين کي چئو عدالت اچن پوءِ ڀلي جهاز تي اچن يا هيلي ڪاپٽر تي، جنهن تي اٽارني جنرل چيو ته ائين ممڪن ناهي جمعي تائين وقت ڏنو وڃي. جنهن تي چيف جسٽس حڪم ڏنو ته جمعي تائين ٻڌڻي ملتوي ڪيون ٿا پر چئني صوبن جا آءِ جي پيش ٿين ۽ جن سرڪاري رهائشگاهن بابت عدالتن طرفان حڪم جاري ڪيا ويا آهن انهن جون فائلون پڻ پيش ڪيون وڃن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

گم ٿيل جوابدار جي عدم بازيابي تي گهرو ۽ بچاءَ جي سيڪريٽرين تي 20 لک ڏنڊ

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ گم ٿيل جوابدار جي عدم …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے