20 منگل , نومبر 2018

سُرن ۽ سازن جي بادشاهه علڻ فقير کي وڇڙئي 18ورهيه وهامي ويا

 The King Alan Faqi of the Syrians and Saints was wasted 18 years oldڪراچي(شوبز نيوز) سُرن ۽ سازن جي بادشاهه علڻ فقير کي وڇڙئي 18 سال گذري ويا آهن، سندس ورسي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي پئي وڃي. علڻ فقير جو تعلق سنڌ جي ڪوهستان واري علائقي جي شهر آمري (اڳوڻي ضلعي دادو ۽ هاڻوڪي ضلعي ڄامشوري) جي هڪ مڱڻهار گھراڻي سان هو، سندس وڏن جو ڳائڻ وڄائڻ سان ورهين کان واسطو هو.علڻ فقير آمريءَ ۾ پنهنجي وقت جي مشهور دهلاريءَ ۽ ڍولڪ نواز ڌمالي فقير جي گھر ۾ 1932ع ڌاري جنم ورتو. علڻ فقير پنهنجي ننڍپڻ ۾ ئي اسڪول وڃڻ بدران دادو کان ڪوٽڙيءَ جي وچ ۾ هلندڙ ريل گاڏين ۾ مسافرن کي مزاحيا شاعري ۽ چرچا ٻڌائي پنهنجو پيٽ پالڻ لڳو، انهن ئي ڏينهن ۾ هن ڀٽائي سرڪار جي درگاهه تي به ڪثرت سان حاضريون ڀرڻ شروع ڪيون ۽ هو ڀٽ ڌڻيءَ جو مستقل پانڌيئڙو بڻجي ويو. علڻ فقير، ڀٽائي جي راڳ ۽ خاص طور تي وائيءَ کي ايترو ته گهرائيءَ سان پروڙيو، جو ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ شاهه جي وائي ۽ شاهه سائين جو ايجاد ڪيل الهامي ساز تنبورو سندس سڃاڻپ بڻجي ويا.علڻ فقير کي فن جي اعتراف ۾ صدارتي ايوارڊ براءِ حسنِ ڪارڪردگي ٻه ڀيرا 1992ع ۽ 1996ع ۾، لطيف ايوارڊ ٻه ڀيرا 1987ع ۽ 1997ع ۾، پاڪستان ٽيليويزن جو ايوارڊ، شهباز ايوارڊ 1996ع، مصري شاهه ايوارڊ، گورنر سنڌ ايوارڊ ۽ ٻيا ڪيترائي ڏيهي توڙي پرڏيهي ايوارڊ مليا. علڻ جي ڳايل مشهور ڪلامن ۾ ”جيڪي ميهار ميهار ڪن ڙي اديون، يار ويکو رنگ لايا هي، ٽڙي پوندا ٽارئين، جڏهن ڳاڙها گل، پاڻ تو پيدا ڪيو، ٻولي منهنجِي ٻانڀڻياڻي، تن ۾ الا من ۾ الا ۽ ٻيا ڪيترائي ڪلام شامل آهن.علڻ فقير ريڊيي، ٽي وي ۽ اسٽيج کانسواءِ سنڌي فلمن لاءِ پڻ ڳايو. سندس لاڏاڻو 4 جولاءِ 2000ع تي ٿيو، علڻ فقير جي آخري آرامگاهه سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري ڪالونيءَ ۾ آهي. کيس مداحن کان وڇڙئي 18 سال گذري ويا آهن پر هو اڄ به چاهيندڙن جي دلين ۾ جيئرو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جان ابراهم رنوير ۽ دپيڪا جي شادي تي ڳالهائڻ کي فضول سمجهي ٿو…!

ممبئي (شوبز نيوز) اداڪار جان ابراهيم بالي ووڊ جي جوڙي دپيڪا پڊڪون ۽ رنوير سنگھه …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے