14 بدھ , نومبر 2018

لياري هاڻي پيپلز پارٽيءَ جو ڳڙهه نه رهيو آهي…؟؟؟

ڊاڪٽر لال خان

پهرين جولاءِ آچر جي ڏينهن لياريءَ ۾ بلاول ڀٽو جي لينڊ ڪرورز ۽ سندس قافلي ۾ شامل ٻين گاڏين تي آخرڪار لياريءَ جي ستايل نوجوانن، عورتن ۽ عوام حملو ڪري ڏنو ، جڏهن لياريءَ جي بدبودار، وهندڙ گٽرن، شديد گرمي ۾ لوڊ شيڊنگ جي ستايلن لياريءَ جي هڪ علائقي ۾ بلاول ڀٽو زرداريءَ جو هي ائرڪنڊيشنڊ گاڏين جو قافلو پهتو ته پهريون عورتن انهيءَ قافلي آڏو خالي دلا ۽ ٿانو کڻي احتجاج ڪيو ۽ اميد ڪئي ته سندن احتجاج کي موٽ ڏني ويندي پر وڏين ۽ ائرڪنڊيشن گاڏين ۾ سوار پيپلز پارٽيءَ جي اڳواڻن جو قافلو بلاول زرداريءَ جي قيادت ۾ جلسي گاهه طرف روان دوان رهيو، اسٽيج واري هنڌ تي وڏن لائوڊ اسپيڪرن سان سيٽ ٿيل هڪ ٽرڪ پڻ بيٺل هئي. اهڙي صورتحال ۾ ورهين کان لياريءَ ۾ ذلت، محرومي ۽ خاص ڪري پاڻيءَ ۽ بجليءَ جي کوٽ ڪري شديد تڪليف ۾ مبتلا عوام جي غم ۽ غصي جا بند ٽٽي پيا ۽ پنهنجي احتجاج واري حد پار ڪري جهڙوڪر بغاوت واري حد ۾ داخل ٿي ويا. مجموعي ۾ موجود نوجوانن پهريان ته بلاول ڀٽو زرداريءَ خلاف شديد نعريبازي ڪئي ۽ بعد ۾ اهي بلاول ڀٽو زرداريءَ جي گاڏيءَ تي پٿراءُ ڪرڻ لڳا. پوليس پهريان ته انهيءَ ڪاوڙيل مجموعي کي قابو ۾ ڪرڻ لاءِ انهن کي ڊيڄارڻ لاءِ سختي ڪئي پر بعد ۾ پوليس مجموعي تي ڳوڙها آڻيندڙ گيس استعمال ڪئي جنهن جي انڌها ڌنڌ استعمال سان ماڻهن ۾ وڌيڪ غم ۽ غصو پيدا ٿي ويو، پوليس جي ڳوڙها آڻيندڙ گيس جي استعمال سان چار نوجوان زخمي پڻ ٿيا. ماڻهن جو غم ۽ غصو ايترو ته شديد هو جو بلاول ڀٽو زارداريءَ جي قافلي جي گاڏين کي پوئتي ٿيڻو پيو ۽ بلاول ڀٽو زرداريءَ جي گاڏيءَ کي به ريورس گيئر لڳائي تيزيءَ سان واپس نيو ويو، جڏهن ته باقي اڳواڻن جون گاڏيون به پوئين پير تيزيءَ سان ڀڄڻ جو منظر پيش ڪري رهيون هيون.

اڄ ڪلهه ڪراچيءَ ۾ پيپلز پارٽيءَ جي سرخيل اڳواڻ سعيد غنيءَ لياريءَ ۾ بلاول ڀٽو جي قافلي تي ٿيل اهڙي حملي لاءِ ”شرپندن“ کي ذميوار قرار ڏنو، ملڪ جي سياسي تاريخ  ۾ “ شرپند” جو لفظ سڀ کان پهريان ايوب خان 1967ع جي تحريڪ ۾ پورهيتن ۽ شاگردن لاءِ استعمال ڪيو هو جيڪي سندس خلاف متحرڪ هيا. سرڪاري ميڊيا ۽ ذريعن جي حلقن ۾ ”شر پسند“ جي لفظ جو تمام گهڻو استعمال ڪيو ويندو هو، ۽ پوءِ تاريخ ڏٺو ته اهي ئي لکين ”شرپسندن“ هيا جن ايوبي آمريت خلاف سينو سپر ڪري تحريڪ هلائي ۽ ملڪ ۾ ”قدامت پرست“ چوائيندڙن هن ملڪ ۾ 1968ع -1969ع ۾ هڪ اهڙو انقلاب آندو جنهن بعد ملڪ ۾ سوشلزم جو انقلاب چند قدمن تي نظر اچي رهيو هو.

لياريءَ جي اڇي ڪاري جي مالڪ نبيل گبول جو چوڻ آهي ته اهي ڪُل ويهه پنجويهه ماڻهو هيا جيڪي شريفن بلاول ڀٽو جي جلسي ڦٽائڻ لاءِ موڪليا هيا، ڪوڙ جي به ڪا حد ٿيندي آهي، نبيل گبول جو اهڙو بيان حقيقتن جي بلڪل ابتڙ آهي، ڀلا ويهه پنجويهه ماڻهن کي منتشر ڪرڻ لاءِ به ڳوڙها آڻيندڙ گيس جو استعمال ٿيندو آهي. بلاول ڀٽو رزداريءَ جي قافلي ۾ گاڏين جو انگ ئي ٻن ڊزن کان مٿي هو هاڻي جيڪڏهن اهو اندازو لڳائي جي ته انهن گاڏين ۾ جيڪڏهن هڪ هڪ ماڻهو به سوار هُجي ته هوند انهن جو انگ انهن شرپسندن کان مٿي آهي جيڪي شرپسند سعيد غنيءَ ٻڌايا آهن، گاڏين سوار ماڻهو به ايترا ضرور هيا جيڪي هيٺ لهي انهن ويهن پنجويهن ”شرپسندن“ کي آسانيءَ تڙي پئي سگهيا مٿن ضابطو آڻي پئي سگهيا.

پر حقيقت اها آهي ته لياريءَ جي انتهائي بدبودار، غليظ ۽ ڌپ وارين گهٽين ۾ ماڻهن جو گهمڻ مشڪل آهي، جڏهن ته روڊ جن تي هميشهه گٽرن جو پاڻي ڦهليل هوندو آهي، لياريءَ جي سوڙهين گهٽين وارين عمارتن ۽ انهن ۾ رهندڙ ماڻهو سخت بدبوءِ ۾ شديد گرمي ۽ ٻٽ هوندي جڏهن بجليءَ جي اڻهوند ۾ زندگي گذارين ٿا ته اها زندگي هڪ ٽارچر کان گهٽ نه ٿي ٿئي ۽ وري مٿان اهي لکين ماڻهو پاڻيءَ جي ڦري ڦڙي لاءِ به ترسن ۽ اڃ مرن ته پوءِ ان کان وڌيڪ تڪليف واري زندگي ٻي ڪا نه ٿي، ٿي سگهي، ۽ اهڙي ماحول ۾ جڏهن بلاول ڀٽو جي قافلي ۾ شامل ڪيئي وڏيون ۽ ائرڪنڊيشن گاڏيون پهچن ٿيون ته انهن ۾ اندر ويٺل ماڻهو به اهڙي ماحول ۾ پنهنجين درين جا شيشا کولڻ کان لنوائن ٿا.، هتي جي غلاظت ۽ ذلت ۾ انهن اڳواڻن جو دم گهٽجي رهيو آهي، پر جيڪي سڄي زندگي هتي گذارين ٿا، ننڍپڻ کان سڌو پوڙهائپ ۾ داخل ٿي وڃن ٿا، انسان ته اهي به آهن، اهي ته وڏين گاڏين ۾ سوار بدعنوان ۽ اميرن ۽ امرزادن کان بهتر انسان آهن، پر 1968-1969 ۾ پيپلز پارٽيءَ جي پيدا ئش ۽ اڀار جي ڏينهن کان ئي پنهنجي دل ۽ جان سان پيپلز پارٽيءَ جي حمايت ڪندڙ لياريءَ جي عوام کي پيپلز پارٽيءَ جي قيادت ڪڏهن به انسان ئي نه سمجهيو آهي. انهن انقلابي ڏينهن ۾ عوام جي ڏنل چندن ۽ جدوجهد ۽ قربانين ڪري ئي پوءِ پيپلز پارٽي ملڪ جي هڪ وڏي پارٽي بڻجي اڀري، جنهن جو ڀرپور اظهار 1970ع جي چونڊن ۾ ٿيو. پر جڏهن 1972ع ۾ پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت ڪراچيءَ جي صنعتن تي مزدورن جو جمهوري ڪنٽرول ختم ڪرائڻ ۽ انقلابي اپائڻ جو مطالبو ڪندڙ عوام جي جدوجهد کي دٻاءَ ذريعي ڪچلڻ لاءِ رياستي طاقت جو استعمال ڪيو ويو ، رياستي ادارن رياستي طاقت جو بدترين استعمال ڪندي ڪورنگيءَ ۽ سائٽ جي علائقن ۾ مزدورن تي گوليون هلرايون ته پيپلز پارٽيءَ لاءِ حمايت ۾ گهٽتائي آئي ۽ عوام پيپلز پارٽيءَ مان پنهنجيون اميدون لاهي ويٺو پر تڏهن به لياري ۽ ملير جو عوام پنهنجي قيادت جون بيوفائيون ۽ زيادتيون برداشت ڪندو رهيو ۽ پيپلز پارٽيءَ کي زنده رکندو آيو. لياريءَ کي ته اڄ تائين پيپلز پارٽيءَ جو ڳڙهه تصور ڪيو پئي ويو پر هاڻي انهيءَ پيپلز پارٽيءَ جي ڳڙهه ۾ زرداريءَ جي قيادت ۾ سياست ڪندڙ پيپلزپارٽيءَ لاءِ ڪافي ڳڙ ٻڙ پيدا ٿي رهي آهي، لياريءَ جي عوام ۽ لياريءَ جي قديمي رهاڪن جي صبر جو پيمانو لبريز ٿي رهيو آهي.

1980ع جي ڏهاڪي ۾ جڏهن ضيا الحق جي آمريتي دور ۾ ڪراچيءَ جي محنت ڪش عوام جي طبقاتي يڪجهتي ٽوڙڻ لاءِ مذهبي ۽ لساني سياست جو زهر سماج ۾ ملائڻ شروع ڪيو ويو ته ڪيترن ئي رجعتي تنظيمن پنهنجو پاڻ کي جبري ۽ غنڊهه گرديءَ ذريعي پنهنجو پاڻ کي مڙهيو، پر الميو اهو آهي ته 1988ع ۾ پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت بڻجڻ بعد ان جي حمايت وارن علائقن ۾ سرڪاري جبر ذريعي اهڙو ئي انداز اختيار ڪيو ويو جهڙو اختيار لساني ۽ مذهبي فرقي واريت لاءِ ڪم ڪندڙ تنظيمون ڪنديون آهن.

ڪراچيءَ جي مختلف علائقن ۾ مختلف پارٽين جيڪو پنهنجو سياسي نيٽ ورڪ جوڙيو اهو نه صرف سياسي تنظيمن تي نه بلڪه هٿيار بند ونگز ۽ ڪاري ناڻي جي ڪاروبار تي مبني هو. پيپلز پارٽيءَ جي قيادت به اهو ئي ڪيو جنهن ڪري ڀتا خوري ۽ گينگ وار ڪري لياريءَ هڪ نه ختم ٿيندڙ جنگ جو ميدان بڻجي وئي. مختلف سياسي اڳواڻن جي آشيرواد سان ڪيئي مختلف مافيا ڊان پيد اٿي ويا جيڪي وڏي ظلم ۽ زيادتيءَ سان پنهنجو ڌنڌو ڪند رهيا، انهن مان ته ڪيئي پاڻ پيپلز پارٽيءَ جا اڳواڻ بڻجي اسيمبلين تائين پهچي ويا، پوءِ جيئن ته جرم جي اهڙي سياست ۾ جيئن ٿيندو آهي جڏهن ڪو گنگيسٽر سرڪش ٿي ويندو آهي ۽ سڄو مال مٿي نه پهچائيندو آهي يا پنهنجو ريٽ وڌائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ته پارٽي ان جي جاءِ تي ڪنهن ٻئي مهري کي اڀاريندي آهي جيڪو ڀتي خوري ۽ ٻين جرمن جي ذريعي هٿ ڪيل رقم مٿي پهچائڻ جي قابل هُجي، انهن مان هڪ انتهائي خطرناڪ ڊان مافيه رياست جي نظربنديءَ ۾ آهي ۽ پيپلز پارٽيءَ جي انتهائي سنگين جرمن جي دستاويزي ثبوت طور تي محفوظ ڪيل آهي.

پيپلز پارٽيءَ سان لياري جي عوام جي ياري ۽ وفادريءَ کي پارٽي جي قيادتن تمام گهڻا فريب ۽ ڏوکا ڏنا آهن ۽ انهن جي پر خلوص جذبن جي بدترين نموني توهين ۽ بيعزتي ڪيئي آهي، پارٽي قيادت جون سموريون غداريون ۽ عياريون برداشت ڪندي به لياريءَ جي عوام پارٽيءَ سان وفاداريون نه مٽايون، آخر ڪار اهي به ته انسان آهن. لياريءَ جي عوام ڏهن سالن تائين پيپلز پارٽيءَ جو سنڌ حڪومت ۾ اچڻ جو انتظار ڪندا رهيا انهيءَ اميد سان ته ٿي سگهي ٿو ته هاڻي سندن تڪليفن جو تدارڪ ڪيو ويندو پر پيپلز پارٽيءَ اها ئي بي وفائي ۽ غداري ڪئي ۽ لياريءَ جي عوام کي مايوس ڪيو. اهڙي صورتحال ۾ لياريءَ جا ماڻهو اهو ڪجهه نه ڪن ها ته ٻيو ڇا ڪن ها، پٿراءُ ته ٿيڻو ئي هو.  لياريءَ جي عوام کي ڪربلا جهڙي اڃ ڏيندڙن خلاف بغاوت ته ٿيڻي ئي هُئي ۽ آچر تي بس اهو ئي ٿيو هو.

زرداريءَ جي قيادت ۾ پيپلز پارٽي مڪمل طور تي حڪمران طبقن ۽ سياست جي جوڙ توڙ واري سياست جو حصو بڻجي چڪي آهي، پيپلز پارٽيءَ جي اهڙي ڪريل ڪرادر ان کي اقتدار جي ايوانن ۾ ته جڳهه ڏياري پر عوام جي دلين ۾ پيپلز پارٽيءَ لاءِ فقط نفرت ئي نفرت جنم ورتو آهي. پيپلزپارٽيءَ جا اڳواڻ اهو چوندي نه ٿا ٿڪجن ته ملڪ جي سمورين عدالتن زرداريءَ کي سمورن ڏوهن مان بري ڪري ڇڏيو آهي پر هو هاڻي عوام جي نظرن ۾ مجرم آهي. پارٽين جي حمايت عوام جي دلين ۾ هوندي آهي. سگهارين ڌرين سان تعلقات ته عارضي ۽ ناقابل اعتماد هوندا آهن پر جڏهن ڪاري ناڻي جو ڍير گڏ ڪرڻ ئي سياست جو مقصد بڻجي وڃي تڏهن انهيءَ ڪاري ناڻي جي تحفظ لاءِ سرڪاري حاڪميت جي ضرورت پوندي آهي، تنهنڪري اقتدار لاءِ هر ضمير فروشي انهن کي قبول هوندي آهي.

پر جڏهن بدعنوان سياسي قائد عوام کان انهن جي پارٽي کسي وٺندا آهن انهن کي سياست مان بي دخل ڪري ڇڏيندا آهن تڏهن به اهي زنده هوندا آهن. زندگيءَ کان هار مڃڻ بجاءِ هو وري نئين سري سان زندگي جيئڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ۽ کين اهڙي نئين زندگيءَ لاءِ پنهنجي پارٽي، پنهنجي انقلاب ۽ پنهنجي اقتدار جي ضرورت هوندي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

هاڻي ايئن نه هلندو…،

تنوير زمان خان لنڊن پاڪستان ۾ رهندڙ عيسائي ڪميونٽي اها ڪمونٽي آهي جيڪا برٽس راڄ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے