21 بدھ , نومبر 2018

دودي مهيري جي پ پ ۾ شموليت وارو مامرو

غوث پيرزادو

ڊاڪٽر دودي مهيريءَ پيپلزپارٽي ڇا جوائن ڪئي آهي بُومبَ کي باهه لڳي وئي آهي. سموري سنڌ جي سياسي، سماجي توڙي ادبي ماحول ۾ ڦڙڦوٽ پئجي وئي آهي، ڄڻ دودي کان ڪو ڪبيرو گناهه ٿي ويو آهي ۽ دودي مهيريءَ جهڙي مدبر شخصيت خلاف غليظ زبان ڳالهائي نه ٿا ٿڪجن. ڇا هنن ڪڏهن پنهنجو جائزو ورتو آهي ته آخر قومي تحريڪ جي نه اسرڻ جا سبب ڇا هيا؟ ڇا هنن ڪڏهن ان تي غور ڪيو آهي ته قومي تحريڪ ۾ آريسر، دودي مهيري ٻين ڪيترن پڙهيل ڳڙهيل ماڻهن کي هميشه ڌڪي ڌار ڪري پوئتي ڇو رکيو ويو ۽ آخرڪار پڙهيا ڳڙهيا ماڻهو قومي تحريڪ جي اندر پنهنجي جاءِ ڇونه جوڙي سگهيا؟ ان سوال جو جواب مونکي اچي ٿو ۽ انهن کي به ايندو هوندو جن کان پڇڻ چاهيان ٿو ته آخرڪار قومي تحريڪ کي انقلابي پارٽي نه بنائي سگهڻ  ۾ آخر ڪنهن جو پنهنجو هٿ هو، نظرياتي ۽ گهڻ پڙهين ماڻهن کي ايترو سوڙهو ڪيو جو هو پنهنجو پاڻ پاسي ٿي تي ويهي رهيا يا دلبرداشته ٿي ٻاهر هليا ويا: ”بات نڪلي گي تو بهت دور تلڪ جائي گي“.

ڪو دور هيو جڏهن ملڪ جي اندر کاٻي ڌر به پنهنجي جوڀن ۾ هئي ته ٻيون سياسي تنظيمون به پنهنجي پنهنجي حساب سان ملڪ جي اندر پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيون هيون، جن جي مٿان آمريتن جا عتاب به آيا ته جيل، ڪوڙا، ڦاهيون ۽ ڦٽڪا به آيا ۽ سمورين سعوبتن ۽ تعدين سان ماڻهو وڙهيا به ۽ وڏي انگ ۾ وڙهيا پر هار نه کاڌي، ڪو دور هيو جڏهن ڀٽائي جي فڪر انقلابي تحريڪن جي نمائندگي پئي ڪئي ۽ آمريتن کي ائين پئي للڪاريو ته:

آڏو ٽڪر ٽر، متان روهه رتيون ٿئين

ته وري آياز پئي چيو ته:

مون ڏات انوکي آندي آ، ٿي تند وڙهي تلوارن سان

ٽڪرايان پنهنجا گيت جڏهن ٿو، آئون سندءِ ديوارن سان

ٿا تنهنجا ڀاري برج لڏن، تون هيڻو آن هٿيارن سان

اياز جي گيتن وايو منڊل کي مست بڻائي ڇڏيو هو. ڪڏي ڪاهي پوڻ جي ريت سنڌ جو شناختي ڪارڊ بڻجي ويو هو ۽ هر سياسي محاذ تي جنگ جو طبل وڄندي ۽ گجندي نظر پئي آيو، ته اهڙي سمي ئي ۽  اتي ئي آمريتن سان وڙهندڙ پيپلز پارٽيءَ جو ڪردار به هڪ انقلابي طور اسان جي سامهون اچي ويو هو. ذوالفقار علي ڀٽي  جون دونهان دار تقريرون ماڻهن کي وڙهڻ لاءِ آماده ڪري رهيون هيون، هر ٻڍو ۽ ٻار وڙهي رهيو هيو. ايم آرڊيءَ جي جهڙي تحريڪ اڄ تائين ٻي ڪا عوامي سڏائيندڙ ڌر ڇونه هلائي سگهي آهي. ڇا انڪار ڪندئو ته پ پ جو هڪ سمنڊ پ پ جي عوامي هجڻ واري نقطعي تي گڏ آهي ڇو ته اها سموري مظلوم طبقي جي ڳالهه ٿي ڪري. اهو ئي نقطو سنڌ جي ماڻهو جو پ پ سان سلهاڙجڻ وارو نقطو آهي.  آخرڪهڙا ڪارڻ هيا؟ کوڙ سارا ڪارڻ ٻيا به هوندا، جن جي پاداش ۾ ذوالفقار علي ڀٽي کي قيد ڪري ڦاهيءَ چاڙهيو ويو هو. مان ته سمجهان ٿو ته ان جو هڪ ئي ڪارڻ هيو ته پيپلز پارٽي ملڪ جي سموري مظلوم عوام جي پارٽي بڻجي چڪي هئي، ڀٽو نه رڳو سنڌ جي دل ۾ ڌڙڪي رهيو هو پر هو پنجاب، بلوچستان ۽ سرحد جي ماڻهن جو به هيرو بڻجي چڪو هيو. ها ڀٽو اهڙو سج هو جيڪو اولهه مان اڀري پيو هو، تنهن ڪري ئي اڄ به ماڻهو چون ٿا ته “ هر گلي سي ڀٽو نڪلي گا“ ڀٽو ڇا شهيد ٿيو هو روم کي باهه لڳي وئي هئي سڄو ملڪ سڙي رهيو هو. ”پنهل کانپوءِ ڪجي بس ڀنڀور کان“ عورتون، مرد ۽ ٻارن موهن جي دڙي کان ڪشمير جي چوٽين تائين اڀ ڦاڙيندڙ نعرن سان ٻاهر نڪري آيا هئا، پاڻ تي گاسليٽ هاري باهه ڏئي پاڻي ماري رهيا هئا، حد ته ڏسو ماڻهن جي نظرياتي هجڻ جي معجزو ته ڏسو ڀٽي جي لهجي جو هر ماڻهو کي نظرياتي بڻائي ڇڏيو هئائين. سندس شهادت ڇا ٿي هئي روڊن تي رت جا درياهه وهي هليا هئا هر ماڻهو لڇندي نظر آيو هو. تون ٿو چئين ته ڀٽو مري ويو آهي، مان هن جو نعرو نه هڻان ته هر گلي سي ڀٽو نڪلي گا.

ڇا ماڻهو نه ٿا ڏسن ته سج بڻجي، يا چنڊ بڻجي يا ڪوئل جي ڪوڪ بڻجي بينظير آئي هئي. ڇا ته دشمن کي للڪارڻ جو انداز کڻي آئي هئي، ڇا ته آواز ۾ هيبت کڻي آئي هئي جنهن جابر جي جسم ۾ رڦڻي وجهي ڇڏي هئي، ڏاڍ جي ڏونگر پاڻ کي ذرا ذرا ٿيندي تصور ڪرڻ لڳو هو  تڏهن  بينظير جي  جان وٺي ڇڏي. بينظير جو جسم ٿڌو ئي نه ٿيو هو ته ڪروڙين عوام باهه جا ڀڀڙ ٿي ٻاهر نڪري پيو هو، باهيون لڳائي ڇڏيون هئائين، هڪ پل جي اندر ملڪ قبرستان بڻجي ويو ويو هو. تون ڇا ڏٺو ڀٽي جي فڪر جو جادو ته پوءِ تون ڪيئن ٿو چوين ته ڀٽو مري ويو ۽ گلي گلي مان ڀٽو ڪيئن نڪرندو. تون پهريان اهڙيون قربانيون ته ڏي، تون ته اڃان انهن قوتن جي پگهار تي آهين، جن قوتن ڀٽي کي ڦاهو ڏئي ڇڏيو، بينظير کي قتل ڪري ڇڏيو ، مرتضيٰ کي سرعام ماريو ۽ شاهنواز کي زهر ڏئي ماري ڇڏيو ته پوءِ تون ڪيئن چئي رهيو آهين ته ڀٽو ته مري ويو، گليءَ گليءَ مان ڀٽو ڪيئن نڪرندو. تون سچ به ڀليل آهين.  آئون ڪڏهن به پيپلز پارٽيءَ کي مارڪسي فلسفي جي نمائنده پارٽي نه ٿو سمجهان نه وري منهنجي هن سان ڪا نظرياتي هم آهنگي آهي. پر جنهن قسم جو ملڪ جي اندر ماحول جوڙيو ويو آهي، جنهن ريت سنڌ جي سياست تي ٻهارو گهمايو ويو آهي ۽ جهڙيءَ ريت ملڪ مان مذاحمتي قوتون ختم ڪيون پيون وڃن، جهڙيءَ ريت امريتن کي نو ڪرڻ وارن جو انگ گهٽبو پيو وڃي اهڙي صورتحال ۾ پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ ٻه سياسي پارٽيون آهن جيڪي حقيقي طور تي عوام جي پاسي آهن ۽ هو ملڪ جي اندر جمهوريت جي بحالي جي لاءِ ويڙهه ڪري رهيون آهن. سو اهڙي ڏکئي وقت ۾ پنجاب جي سيڪيولر، روشن خيال ۽ مذاحمتي انقلابي قوتن تي اهو فرض ٿو بڻجي ته هو نواز ليگ جي غيرمشروط طور تي سپورٽ ڪن ۽ سنڌ اندر واحد پيپلز پارٽي آهي جنهن وٽ عوامي قوت اڄ به موجود آهي، ٿي سگهي ٿو ته هن جو گراف هاڻي ماضيءَ جي ڀيٽ ۾ متان ڪري پيو هجي پر پوءِ به هيءَ هڪ عوامي پارٽي طور آمرن ۽ جابرن  جون ننڊون ڦٽائي رهي آهي. اهڙي صورتحال ۾ دودي مهيريءَ جهڙن مهندارن ۽ ٻين ادبي، سماجي توڙي سوچيندڙ ذهنن تي فرض ٿو بڻجي ٿو ته وقت جي تقاضا موجب پ پ جي اڳيان پٿررکڻ بدران هن کي هلڻ ڏنو وڃي، ٻيءَ صورت ۾ هڪ ڊگهي ڪاري رات اوهان جو انتظار ڪري رهي آهي، جنهن جي ور چڙهي وياسين ته اسان جا ايندڙ نسل به هڪ ڊگهي غلاميءَ جو شڪار ٿي ويندا. دودي مهيري کي ڊسڪريج ڪرڻ بدران انڪريج ڪيو ويو وڃي، وقت جي تقضا موجب کنيل سندس قدم ساراهه جوڳو آهي.

کوڙ سارا اعتزاز احسن، رضا رباني ۽ تاج حيدر جهڙا ڪردار اوهان کي پ پ ۾ نظر ايندا جن جي ٻولي، جن جو لهجو ۽ جن جو موقف اسان جي اندر هڪ اتساهه ڦوڪي ڇڏيندو آهي. جيڪي پنهنجي وجود جي پوري سچائيءَ سان پارٽيءَ جي اندر موجود رهيا آهن. هنن جي اتساهه ڪڏهن به مات نه کاڌي آهي. جيڪي پارٽيءَ جو حسن محسوس ٿيندا آهن. انهن پارٽي ۾ رهي ڪري پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي. سو اڄ جيڪڏهن ڊاڪٽر دودو مهيري پ پ ۾ شامل ٿيو آهي ته اهو سندس تڪڙو فيصلو ناهي پر سنجيدگي کانپوءِ پوري تور تڪ کان پوءِ سندس فيصلو ٿيل آهي.

باقي هاڻي اها ته سڌي سئين ڳالهه آهي يا وقت جون رمزون آهن ته پاڪستان جهڙي ملڪ ۾ هاڻي رڳو ٻه قوتون وڃي رهيون آهن جن مان هڪڙيون اهي آهن جيڪي ملڪ جي اندر جمهوريت قائم ۽ دائم رکڻ گهرن ٿيون ۽ ٻيون قوتون اهي آهن جيڪي آمريت جي پاسي آهن ۽ آمريت جي پاسي کيڏڻ وارن ۾ پي ٽي آئي، جي ڊي اي، طالبان ۽ مذهبي گروهه آهن جڏهن ته جمهوريت لاءِ ويڙهه ڪندڙن ۾ نواز ليگ، پ پ ، ٿورو انگ کاٻي ڌر جي سياسي پارٽين اندر يا ٻاهر ويٺل ماڻهن جو، جڏهن ته عوام جو وڏو انگ جمهوري آهي ۽ جمهوريت پاسي بيٺل آهي ۽ هو ملڪ ۾ جهموريت جو سج لهڻ جي حق ۾ ناهي. فيصلو ڪهڙو ٿيندو ساته وقت کي خبر آهي باقي مامرو انتهائي ڳنڀير آهي.

سو اهڙي صورتحال ۾ دودي مهيريءَ جو فيصلو انقلابي فيصلو آهي ۽ پ پ کي دودي جهڙن سجاڳ ذهنن جي اشد ضرورت آهي .

هي به ڏسي سگهو ٿا

وڏو ليڊر ٿيڻ لاءِ مارڪيٽ ۾ آيل ”يوٽرن“ جو نئون نسخو

امير ڀنڀرو ٻه  ڏينھن اڳ  ڪالم نويسن سان ملاقات دوران وزيراعظم عمران خان پنھنجي اصليت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے