18 اتوار , نومبر 2018

پيپلز پارٽي ۽ سنڌ جو عوام

ادل سولنگي

طاقت جو سرچشمو عوام آهي، اٽو، لٽو ۽ اجهو هر شهريءَ جو حق آهي، پيپلز پارٽي عوام کي پنهنجا بنيادي حق ڏيارڻ لاءِ ميدان تي اچي وئي آهي. وقت جا آمر ملڪ جي عوام کي بنيادي حقن کان محروم نٿا ڪري سگهن، لڳ ڀڳ اهڙي معنيٰ ۽ مفهوم رکندڙ نعرن کي کڻي پيپلز پارٽي سياست جي ميدان ۾ لٿي ۽ ملڪ جي عوام جا ووٽ وٺي اقتدار حاصل ڪيو. اها ٻي ڳالهه آهي ته ذوالفقار علي ڀٽي عوام جي ڀلائي لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪيون ۽ پردي پويان رهندڙ قوتن پنهنجا مهرا ڪتب آندا، ۽ ڀٽو پس منظر م هليو ويو.گذريل 50 سالن تائين عوام پيپلز پارٽي سان هر ڏکئي دور ۾ گڏ رهيو پر عوام کي ڇا حاصل ٿيو؟

عام راءِ آهي ته جمهوريت جي بچاءَ واري تحريڪ ۾ سنڌ جي عوام پيپلز پارٽيءَ جي سڏ تي نه رڳو جيل ڀريا پر ضياءَ آمريت خلاف روڊن رستن تي نڪري جمهوريت جي بحاليءَ لاءِ آمريت جون سموريون سختيون سهي پٺاڙن تي ڪوڙا کاڌا، جيلن جون اذيتون سٺيون ۽ شهادتون ماڻيون، جنهن جدوجهد جي عيوض پيپلز پارٽي کي سوڀ حاصل ٿي ۽ محترمه بينظير ڀٽو ملڪ جي وزيراعظم بڻي. پيپلز پارٽي کي ڪنهن به آمر ايترو نقصان نه ڏنو ۽ سنڌ جي عوام کي آمريت ايترو سوڙهو نه ڪيو جيترو ميان بالو فقير جي پونئيرن پيپلز پارٽي ۽ ڀٽو خاندان ۽ سنڌ جي عوام کي مٽائڻ ۾ پنهنجو هر هيلو ۽ وسيلو ڪتب آندو.

اها پيپلز پارٽي شايد ٻي هئي، جنهن ملڪ کي ايٽمي طاقت بنايو، جنهن ملڪ جي ماڻهن جو معاشي مورال ۽ سياسي شعور وڌايو، جنهن ملڪ جي بيوروڪريسي ۾ سنڌ کي پنهنجو حصو پتي وٺي ڏنو جنهن سنڌ جي ماڻهن کي پرڏيهه موڪلڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪيون، ماڻهن کي معاشي ۽ علمي حوالي سان پاڻ ڀرو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، روڊ رستا، ريلوي اسٽيشنون، درياهي پليون، ڪاليج ، يونيورسٽيون قائم ڪري ملڪ خاص ڪري سنڌ جي ترقي ۾ نهايت ئي ڪارائتو ڪردار ادا ڪيو، جيڪو ساراهه لائق آهي.چون ٿا ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ محترمه بينظير ڀٽو جو دور پيپلز پارٽيءَ جو مثالي دور رهيو، ان کان پوءِ پيپلز پارٽي جي حيثيت ڪهڙي بيهي ٿي، ڇا پيپلز پارٽي محترمه بينظير کان پوءِ پنهنجي اصلي صورت ۾ عوام دوست پارٽي واري حيثيت برقرار رکي سگهي آهي؟ يا پيپلز پارٽي جي هاڻوڪي قيادت ڀٽو قيادت جيتري اهل قابل، عوام دوست ۽ قبوليت جوڳي آهي؟، پيپلز پاٽي جي نئين قيادت جڏهن عوام جي ووٽ کي ڪا به اهميت ۽ حيثيت نه ٿي ڏئي.جڏهن سکر، شڪارپور، قمبر شهدادڪوٽ، حيدرآباد ۾ پ پ جي ڪجهه چونڊيل نمائندن جيڪا عوامي ووٽ کي عزت ۽ احترام ڏنو آهي اهو اخبارن جي خبرن ۽ سوشل ميڊيا تي وقت سر پڌرو ٿيندو رهيو آهي، چيو ٿو وڃي ته ڪنهن ۾ ايم پي اي ۽ ايم اين اي کي اهو حق ناهي ته هو ڪنهن عوامي ترقياتي رٿا جي فنڊ ۾ گهوٻيون هڻي ۽ اهڙيون ترقياتي رٿائون منظور ڪرائي جيڪي سندس گهر، اوطاق ۽ مائٽن جي گهرن گهٽين کان پري ڪنهن غريب غربي جي گهرن ۽ گهٽين تائين نه پهچي سگهن. نلڪن، سلائي مشينن، پنکن، سولر لائيٽ جي پليٽن ۽ بلبن جي ورهاست ناني ويڙهو ڪري ڪرڻ، ترقياتي رٿائن جا ٺيڪا پنهنجي نوڪرن جي نالي تي کڻي ناقص مٽيريل استعمال ڪري اڌ کان وڌيڪ رقم هڙپ ڪري وڃڻ، اصل نوڪرين جا آرڊر جاري ڪري ڏوڪڙن تي کپائڻ ۽ پنهنجي ڪمدارن، ڪاراون، ايجنٽن ۽ لاٺڙين جي هٿان جعلي آرڊر وڪرو ڪرائي لکين نه پر ڪروڙين رپيا غريب مسڪين لاچار، گهرجائو ماڻهن کان روزگار جو ڏٽو ڏئي کين سبز باغ ڏيکاري ڦريندڙ ۽ لٽيندڙ عوامي نمائندا ڪيئن صادق ۽ امين سڏائڻ جا حقدار آهن.  اهڙن چونڊيل نمائندن کي عوام جو نمائندو چوڻ ۾ ڪجهه هٻڪ ٿئي ٿي.

اڄ جيڪي ايم پي ايز ۽ ايم اين ايز تعزيتن لاءِ نڪري پيا آهن انهن کان پڇاڻو ڪيو وڃي ته انهن پنهنجي تڪ ۾ ته ٺهيو پر پنهنجي ڳوٺ ۾ ڪنهن غريب غربي جي موتي فوتي تي انهن جي تڏي تي پهچي انهن سان تڪڙي تعزيت ڪئي؟. جنازي نماز پڙهي يا انهن سوڳوارن کي مانيءَ جو ويلو کارايو؟ جيڪڏهن هنن اهڙي مهل ڪنهن سان به نه ڪئي آهي ته پوءِ انهن کي پنهنجي  جيءَ ۾ جهاتي پائڻ گهرجي ۽ پاڻ کان پڇاڻو ڪرڻ گهرجي ۽ آئيني جي سامهون بيهي پنهنجو پاڻ کي غور سان ڏسڻ گهرجي ته ڇا هو عوام جي حقن جو تحفظ ڪري سگهيا آهن؟، هنن عوام کي گهربل بنيادي انساني سهولتون ڏيارڻ ۾ پنهنجو امانتدار وارو ڪردار ادا ڪيو آهي؟ پنهنجي اوطاقن ۾ ڪنهن به غريب غربي کي ڳالهائڻ نه ڏيڻ ۽ رڳو پنهنجا حوال ڪرڻ مثال ترقياتي فنڊ نٿا ملن، نوڪرين تي بندش پيل آهي، اسان جون ترقياتي رٿائون منظور نٿيون ڪيون وڃن، ضلعي جا آفيسر اسان جي نٿا ٻڌن وغيره اهڙا ڪوڙ آهن جيڪي عوام سان مسلسل هنيا پيا وڃن، جن جو ڪو به کُر ۽ پير نه آهي. چون ٿا ته جيڪا پيپلز پارٽي اٽي، لٽي ۽ اجهي جي ضمانت ڏيندڙ هئي اها هاڻي صرف ڏٽي ڏيڻ جي ماهر پارٽي بڻجي سامهون آئي آهي.

هاڻوڪين چونڊن ۾ پيپلز پارٽي پاران ڪنهن به ڀٽي کي پارٽي ٽڪيٽ نه ڏيڻ باوجود ڀٽن جي نالي جو خوب استعمال ڪري عوام کان دوکي ۽ دولاب سان ووٽ وٺڻ جو نئون طريقو اختيار ڪيو ويو آهي، جنهن پارٽي ۾ هڪ ئي خاندان جي اٺن ماڻهن کي مختلف تڪن تي ٽڪيٽون جاري ڪري پارٽي تي پنهنجي قبضي، ضابطي ۽ مالڪيءَ جي رٿابندي ڪري ڀٽو خاندان کي پارٽيءَ کان ڌار ڪرڻ جي رٿابندي ڪئي وئي هجي چون ٿا ته جنهن اڳواڻ مٿان اربين رپيا ڪرپشن ڪرڻ جا ڪيس داخل هجن ان کي سونا تاج پارايا ويا، جنهن پيٽرول جا پئسا پاڻيءَ وانگر وهائي پنهنجا سوئمنگ پول ڀري ڇڏيا تن يارن کي اعليٰ عهدن تي ويهاريو ويو جيڪو جيترو ڪمائيندڙ هيو ان کي اوترائي وڌيڪ کاتا ڏنا ويا، جيڪو آفيسر سندن سڳي ڌاڳي ۾ نٿي آيو ان کي ڊڪائي ڊڪائي ساڻو ڪيو ويو. هيلٿ ورڪرز، ماسترن، ڪلارڪن، آبادگارن، هارين ۽ گم ٿيل ماڻهن جي احتجاجن مٿان پوليس جون ڪاهون ڪرائيندڙ حق گهرندڙ عوام مٿان تشدد ڪرائيندڙ عوام جا نمائندا ۽ سرڪار جا عيوضي بڻيل سنڌ جا ڀوتار آپي مان نڪرندي الائي ڇا ڇا چوندا. ووٽرن جي تذليل ڪندا رهيا.

جمهوريت جي نالي ۾ آمريت مڙهيندڙ عوامي پارٽي جڏهن پنهنجي نظرياتي لائين وساري ڪنهن ٻي شڪل ۾ نڪري نروار ٿئي تنهن پارٽيءَ کي عوام جي حقيقي پارٽي نٿو قبول ڪري سگهبي. جيڪا پارٽي آدم شماري ۽ گهر شماري ۾ سنڌ جي مفادن جي نگهباني نه ڪري سگهي هجي، جيڪا سنڌ جي وسيلن جو تحفظ نه ڪري سگهي هجي، جيڪا پارتي سنڌ جو پاڻي نه وٺي سگهي هجي جيڪا پارٽي اين ايف سي ايوارڊ نه وٺي سگهي هجي، جيڪا پارٽي ڌارين کي آباد ڪري کين سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرائيندڙ هجي، جيڪا پارٽي عوامي حقن جي رکوالي نه ڪري سگهي هجي، ان پارٽيءَ کي ووٽ ڏيڻ جو ڪو به جواز نٿو رهي. ملڪ جي ڪا به سياسي پارٽي خاص ڪري ڄاڻايل پارٽي ته ايئن آهي جيئن ڪنهن ٽي وي چينل، سنڌ سان عشق جي نئين ابتدا جو نعرو هڻي، لکين ڪروڙين رپين جا ڪارڊ وڪرو ڪري پنهنجي اداري کي معاشي ٽيڪ ڏني ۽ ڪنهن صدين جي تهذيب جو ”پڙادو“ جو نعرو هڻي ”ٽوپي ڊراما“ ڏيکاريا،.

ڪنهن به سياسي پارٽي عوام جي حقن جي ڪا به حفاظت ناهي ڪئي، نه وري ڪو عوام جي ووٽ کي عزت ۽ احترام ڏنو آهي، پوءِ عوام آخر پنهنجو ووٽ اهڙن اميدوارن کي ڇو ڏئي؟، جيڪي عوام دوستيءَ جي نالي ۾ عوام ۽ ملڪ دشمنيءَ وارو ڪردار ادا ڪندي پنهنجو سمورو وقت دعوتون کائيندي کارائيندي، بااثرن کي شڪار ڪرائيندي ۽ عوام جي فنڊن تي حج ۽ عمرا ڪندي پنهنجي وسيلن کان وڌيڪ ملڪيتون ٺاهيندي، ننڍڙي جيپ بدران پجيرو، ويگو ۽ پراڊو جون لوڌون ڌاريندڙ هجي، اٽي، لٽي ۽ اجهي جو نعرو هڻي، ڪکائين جهوپڙين کي پوليس گردي ذريعي ڊاهيندڙ هجي، ٻيلا، جبل، تيل، گئس کپائي ڪمند، ڪڻڪ ڪپهه، ساريون، ميوا ۽ ڀاڄيون تباهه ۽ برباد ڪندڙ هجي، ننڍن آبادگارن ۽ هارين روزاني پورهيو ڪندڙ پورهيتن جي زندگيءَ کي سنوارڻ بجاءِ انهن جي زندگين کي اڻ هوند جي رڻ ۾ ڌڪي ڇڏيو هجي. جن کي تعليم، صحت، روزگار ۽ زندگيءَ جي سمورين بنيادي سهولتن کان محروم ڪيو هجي انهن تي ڪهڙو ووٽ ڏجي.

چون ٿا ته عوام جي خوابن واري پارٽي جنهن گذريل 50 سالن جي عرصي ۾ 73 جون آئين ڏنو، ملڪ کي ايٽمي طاقت بڻايو، هٿياربند فوج کي دنيا جي مثالي فورس بڻايو، جنهن غريب مسڪين ماڻهن کي ڪچين آبادين مان ڪڍي ڊفينس جهڙن علائقن ۾ رهائش ڏني، ڪکاون گهرن وارن ماڻهن کي ذوالفقار آباد، بحريا ٽائون، ڊي ايڇ اي سٽي، ايئرفورس سٽي جهڙا شاندار رهائشي منصوبا ڏنا، جنهن ڪراچي جي هڪ انچ زمين به ڪنهن اداري پارٽي يا ڪنهن شخص کي نه ڏني، جن ٻيلن جي زمينن تان قبضا ڇڏائي ٻيلا ٻيهر آباد ڪيا، قدرتي وسيلن جي رائلٽي مقامي ماڻهن کي ڏئي سندن زندگي کي خوشحال بڻايو، ڌارين کي نيڪالي ڏني!.سنڌو درياهه مٿان ڪو به ڊيم ۽ غيرقانوني ڪئنال ٺاهڻ نه ڏنو، هندستان کان ڳالهيون ڪري جنگي قيدي ۽ والاريل علائقا (ڪشمير کان سواءِ) موٽائي ورتا، جنهن پارٽي عورتن کي عزت ۽ احترام سان ڏوڪڙ ڏنا، هيلٿ ورڪرز جا سمورا مطالبا مڃي کين عزت ڀريو روزگار ڏنو، عورتن کي پوليس ۾ ڀرتي ڪري کين فورس جو حصو بڻايو، عورتاني بينڪ قائم ڪري عورتن کي معاشي طور پاڻ ڀرو ڪيو، اسيمبلين ۾ عورتن کي نمائندگي ڏني، جن عورتن کي پنهنجا حق وٺي ڏنا ۽ ڌارين جا سڃاڻپ ڪارڊ رد ڪيا. ڪراچي جي تعليمي ادارن ۾ سنڌي شاگردن جي داخلا ڪرائي ۽ صعنتي ادارن ۾ سنڌي ماڻهن کي نوڪريون ڏياريون، جيڪڏهن انهن ڳالهين مان 50 سيڪڙو ڳالهيون سچيون آهن ته پوءِ ايندڙ پنجاهه  سالن ۾ باقي 50 سيڪڙو ڳالهيون به سچيون ٿي سگهن ٿيون. پر وقت ۽ وير ڪنهن جو انتظار ناهن ڪندا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ ۾ انساني حقن جي لتاڙ وارو الميو !

امير ڀنڀرو سڄي دنيا ۾ جتي انسانن جو نالو اچي ٿو اتي انهن جي حقن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے