20 منگل , نومبر 2018

ماضي جي مشهور باليووڊ اداڪارا سونالي باندري ڪينسر ۾ مبتلا

In the past Bollywood Bollywood actress Sonali Bindary Cancerنيويارڪ(شوبز نيوز) باليووڊ اداڪارا سونالي باندري ڪينسر جي موذي مرض  مبتلا ٿي وئي، جنهن جو اطلاع هن پنهنجي سوشل ميڊيا پيغام ذريعي ڏنو. سونالي باندري سماجي رابطن واري ويب سائٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي بيماري جي حوالي سان مداحن کي آگاهه ڪيو ۽ پنهنجي چاهيندڙن جا ٿورا مڃيا. اداڪارا لکيو ته ڪڏهن ڪڏهن جڏهن توهان کي بلڪل به اميد ناهي هوندي تڏهن زندگي توهان کي بال جيان گهمائي ڇڏيندي آهي. مونکي ويجهڙائي ۾ ئي ڪينسر جو پتو پيو آهي جيڪو هن وقت خطرناڪ مرحلي ۾ داخل ٿي چڪو  آهي ۽ پکڙجي رهيو آهي. هن ٻڌايو ته جسم ۾ پيدا ٿيندڙ سور جي لهرن بعد هن پنهنجو طبي ٽيسٽ ڪرايو ، جنهن جي نتيجي ۾ هن کي موذي مرض جي سڃاڻپ ٿي،  جنهن بي باري ۾ هن سوچو به نه هو.  اداڪارا ٻڌايو ته هن مشڪل وقت ۾ هو پنهنجن دوستن ۽ خاندان وارن جي ٿورائتي آهي جن بهترين انداز ۾ سپورٽ ڪيو ۽ خيال رکيو. سونالي باندري وڌيڪ لکيو ته فوري طور تي ان مرض جو علاج ڪرائڻ کان سواءِ ڪو به حل ناهي ۽ ڊاڪٽرن جي هدايتن موجب هن وقت هو نيويارڪ ۾ علاج هيٺ آهي.  هن لکيو ته ڪينسر جهڙي موذي مرض سان جنگ وڙهڻ لاءِ تيار آهيان، جنهن سان مقبالي لاءِ  پيارن سپورٽ ۽ محبت مدد ڪئي آهي ۽ منهنجي طاقت پويان منهنجو خاندان ۽ دوست آهن. ياد رهي ته سونالي باندري جو شمار 90 ڏهاڪي جي پهرين جوڙ جي اداڪارائن ۾ ٿيندو هو. سندس مشهور باليووڊ فلمن ۾ سرفروش، سپوت، هم ساٿ ساٿ هين، ڊپليڪيٽ، دلي جلي، ٽڪر ۽ قهر جهڙيون بلاڪ بسٽر فلمون شامل آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Saif Ali Khan, Sara talk about Kareena Kapoor and Amrita Singh

ڪرينا سان والد جي ٻي شادي واري ڏينهن امڙ امريتا تيار ڪيو هو ۾ مدد ڪئي هئي: سارا علي خان

نئين دهلي ( شوبز نيوز ) بالي ووڊ جي ننڍي نواب سيف علي خان جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے