16 جمعہ , نومبر 2018

ايون فيلڊ ريفرنس جي فيصلي بعد نواز شريف سان اختلاف قوم اڳيان رکندس: چوڌري نثار

After the decision of the e-field referendum, I will keep the differences with Nawaz Sharif before the nation: Chaudhry Nisarٽيڪسلا(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي گهرو وزير چوڌري نثار چيوآهي ته اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف خلاف ايون فيلڊ ريفرنس جي فيصلي بعد هو پنهنجا اختلاف قوم اڳيان رکندو.  ياد رهي ته گذريل ڏينهن احتساب عدالت نواز شريف جي خلاف ايون فيلڊ ريفرنس جو فيصلو محفوظ ڪيو هو، جيڪو 6 جولائي تي ٻڌايو ويندو. ٽڪسيلا ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چوڌري نثار چيو ته 6 جولائي تي فيصلو ٿي وڃي، پوءِ ڪجهه ٻڌائيندس.  اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف کي هڪ دفعو ٻيهر تنقيد جو نشانو بڻائيندي چوڌري نثار چيو ته ادارن سان تڪرار نه ڪرڻ واري بيان تي نواز شريف کي ڏک پهتو؟ ڇا مان غلط ڪيو؟ هن چيو ته ن ليگ ۾ تمام خوفناڪ ڳالهيون ٿينديون رهيون، هو ردعمل ڏيڻ ڇاهي پيو، پر مونکي اجلاسن ۾ گهرائڻ بند ڪيو ويو، انڪري منهنجو موقف اڳيان نه اچي سگهيو. هن ڪجهه ڏينهن اڳ نواز شريف طرفان ممبئي حملن واري ڪيس بابت ڏنل تڪراري بيان کي به ملڪي سلامتي جي خلاف قرار ڏئي ڇڏيو. اڳوڻي گهرو وزير پاڪستان مسلم ليگ ن جي قيادت کي پڻ تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته ن ليگ کي ڪير هلائي رهيو آهي، پارٽي صدر ڪير آهي، ڪارڪن ٻڏتر جو شڪار آهن. هن وڌيڪ چيو ته پارٽي جو صدر چوي ٿو ته ادارن سان ٽڪرائڻ پارٽي جو موقف ناهي، جيڪڏهن اهو پارٽي جو موقف ناهي ته اهو گمنام ترجمان ڪير آهي؟  پنهنجي چونڊ مهم جي حوالي سان هن چيو ته هو هن دفعي 4 تڪن تان چونڊ وڙهي رهيو آهي، ۽ هن ڀيري سٺي موٽ ملي رهي آهي.  اين اي 59 راولپنڊي تان پنهنجي مقابلي ۾ بيٺل ليگي اميدوار قمر الاسلام جي نيب هٿان گرفتاري تي ردعمل ڏيندي چوڌري نثار چيو ته ان واقعي جي سڀ کان اڳ هن مذمت ڪئي هئي. هن وڌيڪ چيو ته سندس تڪ ۾ جيڪو به اچي کيس يا تڪ جي عوام کي ڪو به فرق نٿو پوي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وڏي هئڻ جي حيثيت سان فواد چوڌري کي صلاحون ڏيندو رهندو آهيان: صدر عارف علوي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ملڪ جي صدر عارف علوي جو چوڻ آهي وڏو هئڻ جي حيثيت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے