14 بدھ , نومبر 2018

راولپنڊي: آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا سان افغان سفير جي ملاقات

Rawalpindi: Army Chief General Qamar Javed Bajwa meets the Aftab ambassadorراولپنڊي(ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا سان افغان سفير ملاقات ڪئي جنهن ۾ اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري کاتي آءِ ايس پي آر موجب  پاڪستان ۾ مقرر افغان سفير ڊاڪٽر عمر زخيل وال جنرل هيڊ ڪوارٽر جو دورو ڪيو ۽ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا سان ملاقات ڪئي. آءِ ايس پي آر موجب اهم ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي وارن معاملي خطي جي سلامتي جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، جڏهن ته ان دوران افغانستان جي سلامتي جي صورتحال تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته افغان سفير ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل لاڳاپن جي بهتري تي پاڪ فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوا جي ڪردار جي تعريف ڪئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

مشرف ڪيس: اشتهاري جوابدار جي سرينڊر ڪرڻ تائين درخواست نٿا ٻڌي سگهون: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عامر فاروق چيو آهي ته جيستائين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے