17 ہفتہ , نومبر 2018

چونڊن کان اڳ پاڪستان وينديس، جيل وڃڻ لاءِ تيار آهيان: مريم نواز

Pakistan will be ready before the elections; I am ready to go to jail: Maryam Nawazلنڊن(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ مريم نواز چيو آهي ته ڪنهن به 70 سالن جي تاريخ کان اها جنگ ناهي وڙهي ۽ هاڻ اهڙو جهنڊو کڻي ورتو  آهي  ته ڊڄڻ جي ڪا ڳالهه ناهي جيل وڃڻ لاءِ تيار آهيان. احتساب عدالت شريف خاندان خلاف ايون فيلڊ ريفرنس جو فيصلو 6 جولائي تي ٻڌائيندي ۽ ان موقعي ته نواز شريف، مريم نواز  ۽ ڪيپٽن (ر) صفدر کي عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. لنڊن ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ايون فيلڊ ريفرنس بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ مريم نواز چيو ته چونڊن کان اڳ فيصلي جي سڀني کي خبر آهي، احتساب عدالت ۾ جنهن طرح ٽرائل ڪنڊڪٽ ڪيو ويو  سڀني جي سامهون آهي، 100 جي لڳ ڀڳ حاضريون ڀوڳيون جيل وڃڻ لاءِ تيار آهيون. هن وڌيڪ چيو ته ڊڄڻ جي ڪا ڳالهه ناهي، ڪنهن 70 سالن ۾ جنگ ناهي وڙهي، جڏهن ڪنهن ڪم جو جهنڊو کڻي ورتو آهي ته ان جي هڪ قيمت آهي جيڪا اسان کي ادا ڪرڻي پوندي جيڪا اسان ڪري رهيا آهيون. ن ليگ جي اڳواڻ چيو ته چونڊن کان اڳ انشاءَ الله پاڪستان پهچي وينديس، آخري بال تائين مقابلو ڪرڻ گهرجي ۽ اسان ڪري رهيا آهيون، چونڊن جي بائيڪاٽ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي، يقين آهي ته آخري ڪاميابي مسلم ليگ ن جي ٿيندي. مريم نواز ٻڌايو ته امڙ جي سڀاڻي سرجري ٿي آهي، ۽ اميد آهي ته جلد هوش ۾ اچي ويندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جعلي بئنڪ اڪائونٽ ڪيس: انور مجيد، عبدالغني ۽ حسين لوائي کي اسلام آباد منتقل ڪرڻ جو حڪم

لاهور (ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ ڪورٽ جعلي بئنڪ اڪائونٽس ڪيس ۾ ملوث انور مجيد، …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے