19 پیر , نومبر 2018

ڪالا باغ ڊيم زندگي ۽ موت جو مسئلو آهي، نه ٺهڻ ڏينداسين: اسفند يار ولي

چارسدا (ويب ڊيسڪ) اي اين پي سربراهه اسفند يار ولي چيو آهي ته ڪالا باغ ڊيم زندگي ۽ موت جو مسئلو آهي، نه ٺهڻ ڏينداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن چارسدا ۾ جلسي کي خطاب ڪندي ڪيو. سندس چوڻ هو ته ڪالا باغ ڊيم جو معاملو تڪراري آهي، اسان اهو ڊيم ڪڏهن به ٺهڻ نه ڏينداسين. هن چيو ته عوامي نيشنل پارٽي ڪرپشن ناهي ڪئي، اسان جي ڪنهن به ميمبر تي ڪرپشن جو ڪو الزام ناهي، جيڪڏهن عمران خان مون تي الزام ثابت نه ڪيا ته عدالت ويندس. اسفند يار ولي چيو ته ڪجهه قوتون 18هين ترميم جو خاتمو چاهين ٿيون، متحدا مجلس عمل کي هر پنج ورهين کانپوءِ چونڊن جي موقعي تي اسلام ياد ايندو آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

وزير اعظم 22هين گريڊ ۾ ترقي ماڻيندڙن جي نالن جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان گريڊ 22 ۾ ترقي ماڻيندڙ آفيسرن جي نالن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے