17 ہفتہ , نومبر 2018

پئٽروليم شين جي اگهن ۾ گڙ ٻڙ ٿي رهي آهي، عوام تي بار نه وڌو وڃي: چيف جسٽس

Mark-up apologize on repayment of loan, the gaps will be passed in the matter of NAB: Chief Justiceاسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) چيف جسٽس پئٽروليم  شين جي قيمتن بابت پاڻمرادو نوٽيس جي ٻڌڻي دوران رمارڪس ڏيندي چيو ته پئٽروليم شين جي درآمدي اگهن ۽ وڪري جي قيمت ۾ فرق آهي،ڪٿي نه ڪٿي ته ڪجهه ٿي رهيو آهي، ڪڏهن سيلز ٽيڪس وڌائي ويندي آهي، پئٽروليم شين تي ڪسٽم ڊيوٽي ۽ سيلز ٽيڪس جو ڪهڙو جواز آهي. سپريم ڪورٽ ۾ پئٽروليم شين جي قيمتن بابت پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي وئي. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس اگهن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته پئٽروليم شين جا اگهه ٻيهر وڌايا ويا آهن،پئٽروليم شين جون قيمتون وڌي رهيون آهن، اگهن ۾ واڌ  جو جواز پيش ڪيو وڃي. چيف جسٽس چيو ته پئٽروليم شين جي درآمدي اگهه ۽ وڪري جي قيمت ۾ فرق آهي. چيف جسٽس حڪم ڏيندي چيو ته غير جانبدار ماهرن کي عدالت جي مدد لاءِ گهرايو وڃي، قوم پهريون ئي پيڙهيل آهي، عوام تي بار نه وڌو وڃي. ٻڌڻي دوران جواب ڏيندي ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته قيمتن ۾ اضافي سبب ڊالر جو اگهه وڌي رهيو آهي، عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جا اگهه وڌيا آهن. جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته اهڙي نموني ٽيڪس لڳائڻ اختيارين جي ناڪامي آهي، جن کي ڇوٽ ڏني وئي آهي، انهن تي ٽيڪس لڳايو وڃي، پئٽرول تي 30 رپين کان وڌيڪ ٽيڪس ۽ ٻيون بقايا آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سي ڊي اي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر اياز خان گم ٿيڻ جي ترديد ڪري ڇڏي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد مان پراسرار نموني گم ٿيل سي ڊي اي جي ڊپٽي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے