20 منگل , نومبر 2018

اميدوارن کان پڇاڻي جو عمل ۽ تبديل ٿيل سنڌ

ننڍي کنڊ ۾ بيٺڪي راڄ دوران جاگيردارن، نوابن، چوڌرين، ملڪن، سردارن ۽ اثر رسوخ رکندڙ ماڻهن ذريعي ڪنٽرول ڪرڻ جي روايت جيڪا انگريز سامراج وڌي هئي، سا اڄ به جيئن جو تيئن برقرار آهي، ننڍو کنڊ ورهائڻ کانپوءِ خاص ڪري اسٽيبلشمينٽ جي حامي جماعتن ته انگريزن جي متعارف ڪرايل ريتن ۽ رسمن جي پوئواري ڪئي ۽ عوام سان آقا ۽ محڪومَ وارو رشتو رکيو پر اهي جماعتون جن سوشلسٽ انقلاب جي ڳالهه ٿي ڪئي عوام کي طاقت جو سرچشمو ٿي سمجهيوسي به وقت گذرڻ سان سماج ۾ ڪا تبديلي آڻڻ بدران انهن جاگيردارن، ڀوتارن، سردارن ۽ اثر رسوخ رکڻ وارن جون محتاج نظر آيون، جن ذريعي سماج کي، عوام کي ۽ سرڪاري توڙي انتظامي ڪاروهنوار کي ڪنٽرول ڪرڻ جي گورن روايت وڌي هئي.

اهي ڀوتار، جاگيردار ۽ اثر رسوخ وارا سرڪاري پٺِ ۽ ساٿ سان عوام کي ان ڪري پنهنجي ڪنٽرول ۾ رکندا هئا، يا ائين کڻي چئجي ته عوام ويچارو سندن رحم ڪرم تي ان ڪري هوندو هو، جو هيٺين سطح تي اڇي ڪاري جو مالڪ، ٻڌي ڇوڙ جا اختيار رکندڙ صوبيدار ۽ انتظامي اختيارن جي ڏور رکندڙ ڊپٽي ڪمشنر، يعني ايس پي ۽ تپيدار مختلف علائقن ۾ انهن اثر رسوخ وارن جي سفارش سان مقرر ٿيندا هئا ۽ عوام جو وري معمول جو ڪم ئي مختيارڪاريءَ ۾ ٿاڻي ۾ ۽ انتظامي کاتن ۾ هوندو آهي، تنهن ڪري اهو چاهي يا نه چاهي پر ڀوتار جي  اوطاق جي حاضري ڀرڻ، ان جي موڪليل ڪمدار يا ڪارائي جي نياپي تي ووٽ ڏيڻ عام ماڻهوءَ جي مجبوري هوندي هئي، ائين نه ڪندو هو ته پنهنجي کَلَ بچائڻ مشڪل ٿي ويندو هوس.

پر اڄ جي سنڌ ان سنڌ کان مڪمل طور مختلف آهي جيڪا انگريز سامراج جي دور ۾ يا ان کانپوءِ بااثرن ۽ جاگيردارن جي ذريعي ڪنٽرول ڪئي ويندي هئي. اڄ خاص ڪري 2018ع وارين عام چونڊن ۾ وڏي تبديلي جيڪا نظر اچي رهي آهي سا هيءَ آهي ته هر ڀيري بي زبان سمجهيو ويندڙ ڳالهائڻ شروع ڪيو آهي، وڏيري اڳيان جهڪيل ڪنڌ کڻڻ شروع ڪيو آهي، نه رڳو ايترو پر اهي اثر رسوخ وارا ماڻهو جن اڳيان ڪنهن کي ڳالهائڻ جي ڄڻ ته جرئت ئي نه هوندي هئي، اڄ عوام انهن جي رستا روڪ شروع ڪئي آهي. اها  صورتحال رڳو ٻهراڙين ۾ ناهي، جتي جي عوام کي پٺتي پيل سمجهيو وڃي ٿو پر شهرن ۾، شهري وڏيرن جي به ساڳي صورتحال آهي، جيڪا ٻهراڙين ۾ ڀوتارن جي.

اڄ جيڪي ڪجهه ٿي رهيو آهي، عوام اميدوارن کي گهيري ۾ آڻڻ، کانئن سوالن جي ڀوڇاڙ ڪري انهن جون وڊيوز ٺاهي جيڪي سوشل ميڊيا تي وائرل ڪري رهيو آهي، تنهن به چڱن ڀلن کان پگهر ڪڍي ڇڏيا آهن، سو سماج اندر اها جيڪا تبديلي آئي آهي، سا انقلاب جي ۽ انقلابي تبديليءَ جي ابتدا چئي سگهجي ٿي.

ائين رڳو هن ڀيري ناهي ٿيو پر اهڙي صورتحال وقت بوقت پيدا ٿيندي رهي آهي پر عوام جي تبديليءَ لاءِ پوندڙ ووٽ جي هر هر چوري ٿيڻ ۽ اسٽيٽڪو جي حامي اميدوارن کي هر صورت ۾ پٺتي رکي ايوان رڳو اشرافيه لاءِ مخصوص ڪري ڇڏڻ واري روش هر ڀيري حقيقي تبديليءَ جي راهه روڪي آهي، بلڪل ائين جيئن هيل ٿيندي نظر اچي رهيو آهي.

اصل تبديلي ان صورت ۾ اچي سگهي ٿي، جڏهن هڪ ته عوام پنهنجن راءِ ۾ مڪمل طور آزاد هجي، ٻيو ته اهو جنهن کي ۽ جيترو به مينڊيٽ ڏئي سو بغير ڪنهن هير ڦير جي جيئن جو تيئن، برقرار رهي. نه رڳو عوام پنهنجي راءِ ۾ آزاد هجي، پر سياسي جماعتون ڪنهن کي ٽڪيٽ ڏين ڪنهن کي نه، يا وري اميدوار ڪنهن جي ٽڪيٽ وٺن ڪنهن جي نه، اهو سندن اختيار هئڻ گهرجي، نه ڪي ڊڪٽيشن ذريعي انهن کي هلايو وڃي.

ووٽن لاءِ عوام وٽ ويندڙ اميدوارن سان اڄ جيڪو حشر ٿيو آهي، سو ڏسي چئي سگهجي ٿو ته عوام جن کان آڏي ڪري رهيو آهي اهي جي چونڊن ۾ ڪامياب به ٿيا ته انهن جو ڪردار ۽ ڪارڪردگي يقيني طور اڳ جي ڀيٽ ۾ مختلف هوندي ۽ اهي ڪم به ڪندا، ڇو جو انهن سمجهي ورتو هوندو ته عوام جا ڪم نه ڪيائون ته ٻئي ڀيري شايد ورڪ ئي نه ڪري سگهن.

سماج اندر حقيقي سياسي تبديلي جنهن کي انقلابي تبديلي سڏجي ٿو سا انگريزن جي واٽ يا هلندڙ اثر رسوخ  وارن، جاگيردارن، ملڪن، نوابن ۽ سردارن تي ڀاڙڻ بدران عوام تي ڀاڙڻ سان ئي اچي سگهي ٿي، اڃا به جيڪڏهن هوش کان ڪم وٺندي عوام بدران اشرافيه لاءِ گنجائش برقرار رکي وئي ته پوءِ ايندڙ وقت ۾ شايد اهڙي صورتحال پيدا ٿئي جنهن کي ڪنٽرول ڪرڻ ڪنهن جي به وسَ ۾ نه هجي.

خميس 5 جولاءِ 2018ع، 20 شوال 1439 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

دنيا جيئڻ جي جاٰءِ آهي

سڀاڻي سموري دنيا ۾ سهپ / بردباريءَ ۽ رواداريءَ جو ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي. نهايت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے