13 منگل , نومبر 2018

معاشي، اخلاقي ۽ سياسي بحران ۾ ٿيندڙ چونڊون

ڊاڪٽر غفور ميمڻ

فساد برپا ڪندڙ، دانشور ، اديب، سياستدان جيڪي شايد ملڪ جو  5 سيڪڙو به ناهن پر انهن جو ايڏو شور آهي، جو غريب عوام جو آواز دٻجي رهجي وڃي ٿو. پيٽرول جي وڌندڙ قيمت ۽ ڊالر جو وڌندڙ اگهه ڏسي سڀڪو سمجهي وڃي ٿو ته ملڪ نه صرف اخلاقي، سياسي پر معاشي ڏيوالپڻي جو شڪار ٿي چڪو آهي. ڇا ايندڙ حڪومت وٽ ڪا اهڙي حڪمت عملي آهي؟ جو هن ملڪ کي بحران مان ڪڍي سگهندي. ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي ته آمريڪا جي بدلجندڙ پاليسين سبب ملڪ کي امداد ملڻ بند ٿي چڪي آهي ، جيڪو ضيا شاهي جي دور کان ملڪ آمريڪي امداد تي هليو پئي، کربين رپين جي هيرا ڦيري پي ٿي پر ڪنهن کي ڪا پرواهه نه هئي ، مائي باپ آمريڪا سڀ ڪجهه ڏنو پي. پر ڊونالڊ ٽرمپ جي اچڻ کان پوءِ پاليسين ۾ تبديلي اچي ويئي. ملڪ کي امداد ۽  قرض بند ٿي ويا. اڳ ۾ جيڪي ملڪ تي قرض آهن انهن جو بوجهه ايترو آهي جو ملڪ جي سڄي بجٽ به ڏيئي قرض نٿو لاهي سگهجي.  ٻي طرف هن وقت پاڻي جي سخت کوٽ آهي جنهن سبب سارين جو فصل ٿي نه سگهندو. جنهن سبب ڀاڄيون نه پيون پوکجن، جنهن ڪري ڀاڄين جو اگهه پيٽرول کان به تيز ڊوڙي رهيو آهي . نه ته ملڪ ۾  توريون يا ڀينڊيون ڪڏهن سئو رپئي ڪلو مليون؟ ڪدو يا گوبي جيڪا ويهين رپئي به ڪير نه وٺندو هو ، انهن جو اگهه سئو کان مٿي چڙهي چڪو آهي.

ڪجهه حلقن جو خيال آهي ته اسان جي رياست جا خزانا خالي آهن، هر مهيني پيٽروليم جو اگهه وڌائي ايڊهاڪ تي ملڪ کي هلايو پيو وڃي. ڪجهه به آهي پر صورتحال ڪا سٺي ناهي . ملڪ جي لاءِ ڪو به سٺو سوڻ ناهي. ايندڙ دور ڪيترا چئلينج کڻي اچي رهيو آهي جنهن کان اسان جا 99 سيڪڙو ماڻهو ناواقف آهن. اها ڪابه منفيت ناهي، پر مثبت خواب ڏيکاري ماڻهن کي اوڙاهه ۾ به نٿو ڪيرائي سگهجي. آخر اسان جي معشيت کي ڇو سڌاريو نه ويو ؟ جڏهن ته ويهين صدي اسان لاءِ ڪافي واڌ ويجهه جا موقعا کڻي آئي. خود سي پيڪ هجي يا ملٽي نيشنل ڪمپنيون اسان کي ته ترقي ڪرڻ جا سوين رستا مليل هئا.

توهان اندازو لڳايو 20 صدي ۾ اٿوپيا هڪ غريب ترين ملڪ هو ، اتي خطرناڪ ڏهڪار آيل هو. جو ان ملڪ ۾ هزارين ماڻهو روز رستن تي مرندا هئا .جيڪي ٽريڪٽر ذريعي ميڙي کڏن ۾ پوريا ويندا هئا.  اتي ڪير امداد ڏيڻ لاءِ به تيار نه هو. ڪو هيليڪاپٽر مٿان ڪا کاڌي جي شيءِ ڪيرائيندو هو ته ماڻهو پاڻ ۾ وڙهي ، رتو رت ٿي ڪا کاڌي جي شئي هٿ ڪندا هئا . اتي پئسي يا ڪرنسي جو ڪو به اگهه نه هو. پر اڄ اوچتو هڪ دوست ٻڌايو ته هو اٿوپيا لڏي وڃي رهيو آهي. ته مان ڇرڪي پيس ته چريو آهين ڇا؟ هن ٻڌايو ته توهان چريا آهيو توهان کي خبر آهي ته اٿوپيا ملڪ ڪيتري ترقي ڪئي آهي، اتان جي ڪرنسي جو اگهه پاڪستان جا 4.45 رپيا اٿوپيا جي رپئي جي برابر آهن.اتان جي تعليم 45 سيڪڙو تي پهچي ويئي آهي. اتان جا روڊ رستا توهان ڏسو ته اسان وٽ اهڙا اسلام آباد ۾ به ڪونهن، اتان جو نظام باقاعده سخت قانون وارو آهي، اهو دور ويو جڏهن اٿوپيا ۾ ڏهڪار وگهي ماڻهو مرندا هئا، هاڻي ته اٿوپيا خود غريب ملڪن کي امداد پيو ڏئي.

منهنجون ڏندي آڱريون اچي ويون. وري ٿوري خبر ورتم ته ٻيو ته ٺهيو پر اسان جو پاڙيسري ملڪ افغانستان جتي ڇٻو پئسن جو کڻي هڪ ماني وٺبي هئي.اتان جو ڪرنسي اگهه ڏسي حيران ٿي ويس اسان جا  هڪ رپيو ستر پئسا برابر آهن، افغانستان جي هڪ رپئي جي.  اتان جي تعليم جو سيڪڙو 39 سيڪڙو تي پهچي چڪو آهي جيڪو هر سال وڌي رهيو آهي جڏهن ته پاڪستان جو تعليم جو سيڪڙو هر سال گهٽجي رهيو آهي، دي نيشن اخبار  8 فيبروري جي خبر مطابق پاڪستان جي معاشي بحران سبب تعليم سٺ سيڪڙو مان اٺونجاهه سيڪڙو تي اچي ويئي آهي.  وري تاجڪستان جي صورتحال ڏسو جيڪي سوويت ٽٽڻ کان پوءِ پني رهيا هئا. معاشي بحران ڏاڍو خطرناڪ هو پر هن وقت اسان جا  13.40 رپيا برابر آهن تاجڪستان جي هڪ رپئي جي. اهڙي طرح سوماليه ڏسو جتي هاڻي ڊالر ڪرنسي آهي، سوڊان ڏسو جن جا ماڻهو اسان وٽ پڙهڻ ايندا هئا، اتي ايتريون يونيورسٽيون ۽ تعليمي ادارا کلي چڪا آهن جو  خود ٻاهر جا شاگر اتي وڃي پڙهن ٿا سندن ڪرنسي اگهه  اسان جا 6. 6 رپيا برابر آهن سوڊان جي هڪ رپئي جي.  هوڏانهن بنگلاديش ڏسو جيڪو سدائين ٻوڏن ۾ گهيريل معاشي طور بحرانن ۾ ڦاٿل هو، برابر حسينه واجد جي اچڻ کان پوءِ هڪ ته هن ڪرپٽ سياستدانن کي ڦاسيون ڏنيون، ٻيو هن احتساب هر اداري ۾ ڪيو. هاڻي اتي 71 سيڪڙو تعليم جو سيڪڙو آهي، اتان جو هڪ رپيو اسان جي ڏيڍ رپئي جي برابر آهي، اهي بنگالي جيڪي هتان ڪمائي بنگلاديش ويندا هئا اهي يا ته واپس ڀڄِي ويا يا وري هتان جا ئي ٿي ويا، باقي هتان ڪمائي وڃڻ ته هاڻي ناممڪن رهيو آهي.

توهان اندازو لڳايو 1953 ع ۾ ڊالر ٽن رپين جي برابر هو. جيڪو 1972ع ۾ ڏهن رپين جي برابر ٿيو. اڄ ڊالر 125 رپين جي برابر ٿي چڪو آهي ۽ تيزي سان جيئن وڌي رهيو آهي ته شايد ڏيڍ سئو تائين هليو وڃي ۽ پيٽرول به ڏيڍ سئو رپيا ٿيڻ جا امڪان نظر اچن پيا. پر صورتحال ايتري به سولي ناهي. موجوده چونڊن ۾ ڪنهن به پارٽي وٽ  اهڙو ڪو به پروگرام ناهي جنهن ۾ اهڙي صورتحال کي نبيرڻ جو ڪو منشور هجي. يا وري ڪنهن سياسي پارٽي انهيءَ مسئلي تي ڳالهايو هجي.  سياست جوڙ توڙ، ڄنڊا پٽ ۾ عوام جي ملڪ جي سنگين مسئلن ڏانهن ڪنهن جو توجهه ناهي.عوام جو رد عمل چونڊن ۾ نظر اچي رهيو آهي ته هو سياسي اڳواڻن کان پڇا ڳاڇا جي جرئت ڪري رهيا آهن، پر مسئلو اهو آهي ته عوام اڳيان ڪابه نظرياتي پارٽي ناهي، يا ڪا اهڙي پارٽي آهي جنهن جي منشور ۾ ۽ عمل ۾ عوام لاءِ پروگرام هجي.

ٻي طرف اقتدار جي ڳجهن هٿن ۽ سياستدانن جي اڻبت به خود انهيءَ معاملي کي سنوارڻ ڏانهن نه پئي وٺي وڃي. هي ٽڪراءَ ۽ تضادن سان ڀريل سياست غير مستحڪم سياسي صورتحال ڏانهن وڌي پئي.  ٻي طرف موقعي پرستي جي صورتحال صرف سياستدانن ۾ نه پر اسان جي نئين پيدا ٿيندڙ وچئين طبقي ۾ انتها جي وڌيل آهي، جيڪي ڏسڻا واسڻا ماڻهو هڪ لحظي ۾ ڦريو وڃن، يا ته مصلحت پسندي اختيار ڪن ٿا يا وري  سرعام پنهنجي مفادن جي ڪري ڪرپٽ اڳواڻن جي حمايت ڪن ٿا. هي اهو سنڌ جو وچيون طبقو آهي جنهن جي پيدا ٿيڻ کان پوءِ سنڌ جي سياسي اخلاقي صورتحال تيزي سان بدلجي چڪي آهي، هڪ ته قومي وهڪري واري سياست ختم ٿي ويئي. ٻيو نظرياتي سياست جو دور پڄاڻي تي پهتو. اسان جا اديب ، دانشور  ۽ صحافي طبقو ڏاڙهي پٽ، بليڪ ميلنگ ۽ ذاتي مفادن ۾ گم آهي، عام ماڻهو  لاٰ ءِ  ڪا قوم ،ڪوبه آدرش، ڪو به نظريو ڪا به معنيٰ نٿو رکي هو رڳو پاڻ ڦٻڻ جي پٺيان ديوانا آهن، انهن لاءِ اصول بي معنيٰ آهن، انهن لاٰ ٰءِ انسانيت جا آدرش فضول آهن، اها روش سماجي طور ايتري وڌي آهي جو رشتا ناتا ختم ٿي ويا آهن. تنهن ڪري عوام سياستدانن کان چونڊن جي مهم ۾ اهو نٿو پڇي ته توهان هي هيترو مال ڪيئن ٺاهيو. ڪرپشن جو پئسو ٻاهر ڪيترو منتقل ڪيو. پر ماڻهو پنهنجي ذاتي مفادن جي پڇا ڪن ٿا. ته نوڪري ڇو ڪونه ملي ، اسان جي ڳوٺ جو روڊ ڇو نه ٺهيو. اسان جي شادي ۾ ڇو نه آيا. وغيره توهان ڏٺو ڪنهن سياستدان جو گهيرو سندس ڪرپشن جي ڪري نه ٿيو آهي.

مجموعي طور معشيت دان چون ٿا ، ڪرپشن دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ آهي پر اتي سياستدان ڪرپشن جي پئسي مان انهيءَ ملڪ ۾ ئي فيڪٽريون يا ڪاروبار لڳائن ٿا. جنهن ڪري اتي جو ملڪ وري به ترقي ڪري ٿو، اتان جي عوام کي روزگار ملي ٿو ، پر  هي دنيا جو واحد ملڪ آهي، جتي ڪرپشن جو پئسو ٻاهر شفٽ ٿئي ٿو. توهان ٿورو غور ڪندو يا پنهنجي ئي آس پاس ڏسو  ته ملڪ جو بيروڪريٽ هجي ، سياستدان هجي ، يا وري ڪو ٻيو پر جيئن پئسو هٿ آيس، پنهنجي فيملي کي ٻاهر شفٽ ڪندو، پنهنجا ٻار ٻاهر شفٽ ڪندا، ڪاروبار ٻاهر شفٽ ڪندا، گهڻا سياستدان ڳوٺن ۾ اليڪشن جي ڏينهن ۾ ويندا آهن ماڻهن کي بيوقوف بنائي ووٽ وٺي وري وڃي ڪراچي ۾ رهندا آهن پنج سال وري ڪڏهن پنهنجي تڪ ۾ نه ويندا آهن. بلڪل اهڙي طرح هاڻي سياستدان وري ٻاهر جي دنيا ۾ رهندا آهن، ووٽ وٺڻ وري هتي ايندا آهن. سندن ٻار ٻاهر جي دنيا ۾ پڙهن، سندن علاج ٻاهر جي دنيا ۾ ٿئي. اهڙي اخلاقي، سياسي بحران ۾ معاشي بحران جو حل ڪوبه نظر نٿو اچي. تنهن ڪري عوام جو چونڊن تي ڪو وڏو هيج نظر نٿو اچي. نه وري عوامي دلچسپي ووٽ ڏيڻ ۾ موجود آهي بلڪ عوام اهو به مطالبو ڪندي نظر آيو آهي ته بيليٽ پيپر ۾ اهڙو خانو به رکيو وڃي جنهن ۾ اسان ڪنهن کي به منتخب نه ڪريون. پر اقتدار جي اعليٰ ايوانن ۾ انهيءَ خاني رکڻ کان پوءِ ملڪ جي سياسي نظام ۽ سياستدانن جي پڌرائي ڏاڍي خراب ٿيندي. ڇا انهيءَ بحران مان نڪرڻ جو حل آهي؟ اهو اڄ جو سوال آهي جيڪو اسان جي سياستدانن، دانشورن، اديبن لاءِ هڪ وڏو چئلينج آهن جيڪي پاڻ ۾ پڳون لاهيندي ۽ اخبارن ۾ راٻ راٻ ڪندي نٿا ٿڪجن انهن کي اهو نظر اچڻ گهرجي ته جيڪڏهن اها سياسي ۽ معاشي بحران جي روش جاري رهي ته وقت پري ناهي جو ماضيءَ جو اٿوپيا هتي پيدا ٿي پوي.شايد توهان جا ٻار ايندڙ ڏهڪار جو شڪار ٿين.

هي به ڏسي سگهو ٿا

انسان دوستي اُتم ڪم

حافظ سڪندر تنيو انساني سماج جي ترقي ۽ واڌاري ۾ اڄڪلهھ جي وڏي رڪاوٽ مذهبي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے