18 اتوار , نومبر 2018

چونڊون ويجهو آهن پر تبديلي ڪٿي آهي؟

سيد طلعت حسين

هن وقت اسان 2018ع جي اهم چونڊن جي مقابلن جي ويجهو آهيون، پر چونڊن جو  ماحول منتشر ٿيندو پيو وڃي، ڪجهه ماڻهن جو چوڻ آهي ته موجوده  چونڊون ملڪ جي تاريخ جون اهم چونڊون هونديون پر اهڙين دعوائن تي يقين ڪرڻ لاءِ ڪو ٺوس دليل پيش نه پيو ڪيو وڃي، مجموعي طور تي سمورين سياسي جماعتن جو ماحول ايترو ته آلوده ۽ گندو ٿي چڪو آهي جو انهن جي ڪوششن سان کير ۽ ماکيءَ جي نندين جو وهڻ محال آهي پر ان بجاءِ سياسي ڪشيدگي، ڇڪتاڻ ۽ غير يقينيءَ واري صورتحال واري فضا تمام گهڻو وڌي رهي آهي. اسان اڃان هڪ انڌيري رات پويان ايندڙ باک جي انتظار ۾ جاڳي رهيا آهيون.

جزوي طور تي ان حقيقت پسنديءَ جو تعلق احتساب فورسز ۽ عدالت پاران ايندڙ فيصلن جي ٽائمنگ سان سلهاڙيل آهي. اهي ادارا چونڊن ۾ بيٺل اميدوارن جي ڏوهن ۽ ڪرپشن متعلق جاچ ڪري رهيا آهن ۽ اهو سڄو عمل ان وقت ٿي رهيو آهي جڏهن عوام کي ووٽ ذريعي پنهنجي راءِ جو حق استعمال ڪرڻو آهي.

هتي ٽائمنگ جي تمام گهڻي اهميت آهي، جيڪڏهن هتي ڪنهن شخصيت خلاف ڪو ڪيس نڪري ٿو اچي ته ان کي چونڊن تي اثر انداز ٿيڻ واري عمل سان نه ڀيٽيو  وڃي پر جڏهن اهڙن ڪيسن جي لائن لڳل هُجي ۽ مخصوص ماڻهن کي سزائون ڏيڻ جو عمل جاري هُجي ۽ انهن جي ڪرپشن جا چرچا ميڊيا تي عام هجن ته اهڙي صورتحال ۾ سموريون ڪارروايون هڪ سواليه نشان بڻجي وڃن ٿيون. هي نه ته فرضي ڳالهيون آهن ۽ نه ئي خفت وارا بيان آهن بلڪ هي سموريون اٽل حقيقتون آهن، اوهان ان سلسلي ۾ فقط اڳوڻي وزير اعظم شاهد خاقان عباسيءَ جي هڪ ڪيس کي ئي وٺو جنهن ۾ کيس سندس اباڻي تڪ 57 تان چونڊون وڙهڻ لاءِ نااهل قرار ڏنو ويو هو بعد ۾ جيتوڻيڪ کيس لاهور هاءِ ڪورٽ رليف ڏنو هو پر ان جي نااهليءَ جو فيصلو هڪ شاهڪار فيصلو آهي جنهن کي سنجيده ماڻهو ڪڏهن به وساري نه ٿا سگهن.

هي چونڊون نه ته اسان جي خوف ۽ خدشن جو علاج ڪرڻ پيون وڃن ۽ نه ئي انهن جي ڪري قوم ڪا حقيقي تبديليءَ طرف پاسو ورائيندي، چونڊن جي اميدوار ( عباسي ) کي نااهل قرار ڏيڻ واري حڪم نامي مطابق پاڪستان جي سياسي نظام کي انهيءَ برائي مان نجات ڏيارڻ انتهائي ضروري آهي جنهن پاڪستان جي سياست ۾ پنهنجا ننهن کُپائي ڇڏيا آهن، تنهنڪري سموري ايماندار قيادت کي اڳتي وڌي انهيءَ برائي مان جان آجي ڪرائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.

انهيءَ سلسلي ۾ دلچسپ ڳالهه اها آهي ته نااهليءَ جو فيصلو ڪندڙن ته ان جج کان به آڏي پڇا ڪئي ته اوهان کيس نااهل ڪرڻ واري فيصلي کي رد ڪيئن ڪيو. تاثر اهو ڏنو ويو ته هن سسٽم کي مافيا کان نجات ڏيارڻ ۽ ملڪ کي بچائڻ لاءِ ائين ڪرڻ ضروري هو. شاهد خاقان عباسيءَ کي انااهل ڪرڻ وارو فيصلو، ان کي رد ڪرڻ جي نتيجي ۾ ايندڙ رد عمل مان خبر پوي ٿي ته ملڪ جي ٻين فورمز تي ڇا ڇا ٿي رهيو آهي؟ هي فيصلو  صرف هڪ ميمبر کي نااهل قرار ئي نه ٿو ڏئي پر اهڙن فيصلن سان تاثر اهو ٿو اڀري ته اها ئي شخصيت آهي جيڪا ملڪ ۾ موجود سمورين خرابين جو  سبب آهي ۽ اهو فيصلو جهڙوڪر اها به درخواست ڪري ٿو ته انهيءَ ماڻهونءَ جهڙن ٻين ماڻهن جن جو تعلق انهيءَ پارٽيءَ سان آهي ان جون سڄي ملڪ مان پاڙون پٽيون وڃن، ائين نه ٿئي ته اهي ماڻهو وري چونڊن ۾ عوام کان حمايت حاصل ڪري ڪو ووٽ نه وٺي وڃن.

ڪو ٻيو موقعو هُجي ها ته ان فيصلي کي محض ڪو ناٽڪ، ڊرامو، قانون ۽ زميني حقيقتن کي نظر انداز ڪرڻ وارو ڪو فيصلو قرار ڏنو وڃي ها يا اهڙي فيصلي کي ڊرافٽ جي ڪا غلطي به چئي پئي سگهياسين، پر موجوده صورتحال ۾ جڏهن چونڊون مٿان آهن تڏهن هڪ مخصوص جماعت جي اميدوارن کي توهين عدالت جي الزامن ۾ نااهل قرار ڏنو پيو وڃي، يا انهن کي ان وقت عدالتن ۾ حاضريءَ جو پابند بنايو پيو وڃي، جڏهن انهن کي پنهنجي چونڊ مهم هلائڻ لاءِ ماڻهن جي وچ ۾ هجڻ گهرجي ها. اهڙي صورتحال ۾ اهڙن فيصلن کي ڪنهن به صورت ۾ ڊرافٽ جي غلطي قرار نه ٿو ڏئي سگهجي، اهڙي صورتحال ۾ انهن فيصلن جي اهميت وڌي ٿي وڃي ۽ اهڙي عمل مان چونڊن جي نتيجن جي هڪ اهڙي افسوسناڪ صورت سامهون اچي ٿي جنهن ۾ جانبداري ۽ عدم توازن جا رنگ گهرا نظر اچي رهيا آهن.

اوهان دليل ڏئي سمجهائي سگهندا ته جيڪڏهن عدالتي حڪمن ذريعي هڪ ، ٻه ، ٽي، يا ڏهه، ٻارنهن ماڻهن کي نااهل قرار ڏنو وڃي ته پوءِ به وسيع تر جمهوري عمل کي ڪهڙي نموني شفاف قرار ڏئي سگهجي ٿو، ان سلسلي ۾ پيش ڪيل اوهان جا سمورا دليل مذاق جهڙا ئي هوندا، ڇو جو  موجوده  دور ۾ معلومات جو وهڪرو تيز رفتار آهي، جيڪو اوهان جي پيش ڪيل ڪنهن به اهڙي دليل کي سچو ثابت ڪرڻ لاءِ ناڪافي آهي.  اهڙن فيصلن جا اثر فوري ۽ ديرپا هوندا آهن.

اهڙا ٻه ٽي واقعا ئي سموري منظر نامي ۾ مايوسي ۽ حوصله شڪنيءَ جو رنگ ڀرڻ لاءِ ڪافي آهن ۽ پوءِ “ طاقتور ڌريون” هوا جو رخ ڏسي پنهنجين سياسي ترجيحات کي نئين سر متعين ڪري وٺنديون آهن. مون پنجاب ۾ فيلڊ رپورٽنگ دوران ان ڳالهه جو عملي تجربو ڪيو آهي. اولهه ۽ وچ پنجاب گهٽ ۾ گهٽ ٽن حلقن ۾ مقامي قيادت جا ڌڙا جيڪي مسلم ليگ ( ن ) سان لاڳاپيل هُئا انهن مان هڪ (جنهن جي هٿ ۾ چار هزار جي لڳ ڀڳ ووٽ هيا) ان پي ٽي آءِ سان ڊيل ڪري ورتي ۽ هڪ ٻئي مسلم ليگ ( ن ) جي مقامي اڳواڻ (جنهن جي هٿ ۾ ست هزار ووٽ هيا) پي پي پي سان ڊيل ڪري ورتي ۽ اهڙو عمل شاهدخاقان عباسي جي نااهل ٿيڻ جي چوويهن ڪلاڪن جي اندر اندر ٿيو هو، ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته انهيءَ فيصلي جو ملڪ جي ٻين حصن تي ڪهڙو اثر پيو هوندو.

حڪومت سازي ڪرڻ يا حڪومت سازيءَ واري عمل ۾ ناڪام رهندڙن جماعتن لاءِ چونڊ سرگرميون انتهائي اهم هونديون آهن، عدالتن ۾ جيڪي فيصلا ڪيا ويندا آهن ۽ لکت ۾ اچي ويندا آهن اهي فيصلا فقط قانون کي لاڳو ڪرڻ لاءِ نه هوندا آهن پر اهي فيصلا اهڙا وڏا هٿوڙا هوندا آهن جيڪي مقامي قيادتن کي ٽوڙي ڇڏيندا آهن جن کي گڏ ڪري چونڊون وڙهيون وينديون آهن. اميدوار اهڙين پارٽين کان پري ڀڄندا آهن جيڪي اهڙن بيانن جي ور چڙهي وينديون آهن يا جن کي هڪ ڪنڊ طرف ڌڪيو ويندو آهي جتان انهن  جو ويجهي مستقبل ۾ ٻاهر اچڻ جو ڪوبه امڪان نه هوندو آهي، انهيءَ ڏس ۾ ڪنهن کي به غلط فهميءَ جو شڪار ٿيڻ جي ضرورت ناهي. سياسي خبرن جو سماج جي سياسي ماحول تي اهڙو ئي اثر ٿيندو آهي جهڙو منفي خبرن جو اثر اسٽاڪ مارڪيٽ ٿي ٿندو آهي.

هي اها منزل آهي جتي عدالتن جا فيصلا ۽ احتساب جو اثر چونڊن جي عمل کي متاثر ڪندو آهي جنهن کي شفاف ۽ منصفاڻو ٿيڻ گهرجي ها ۽ جن ذريعي عوام کي آزاداڻي طريقي سان پنهنجي راءِ جي اظهار جو موقعو ملڻ گهرجي ها. وسيع تر قومي ۽ سياسي منظر نامي متعلق ٻيا به ڪيئي معاملا ۽ مامرا اهڙا هوندا آهن جن جي خبر تڏهن پوندي آهي جڏهن اسان اميدوارن سان ملندا آهيون. مختلف يونين ڪائونسلز ۾ مقامي معاملن کي ڪهڙي نموني منهن ڏنو ويندو آهي؟، ڪهڙي نموني هڪ خاندان جي سربراهه کي ووٽ ڏيڻ لاءِ مجبور ڪيو ويندو آهي ۽ سياسي حمايت ڪرڻ لاءِ پابند بڻايو ويندو آهي؟ ميڊيا جي نظرن ۾ ڪهڙي نموني اچڻو آهي؟ وغيره.

ميڊيا جي سينسرشپ ۽ ان جي مٿي تي لٽڪيل ترار يا خبرون ۽ تبصرن تي طاري احتياط جي موسم پنهنجي جاءِ تي پر مقامي اجتماعن ۽ ڳلين ۾ ٿيندڙ تقريرون انهيءَ سينسر شپ جي وڪڙ ۾ نه اينديون آهن. چونڊن جا ڏينهن ويجهو اچي رهيا آهن ۽ چونڊن ۾ اهڙا اميدوار چونڊون کٽي سگهندا جيڪي ڳوٺاڻن علائقن جي ووٽرن کي پنهنجن سياسي نعرن ذريعي متاثر ڪري سگهندا، اهي اميدوار ئي چونڊون کٽي سگهندا جيڪي پنهنجي علائقي جي ووٽرن جي ڳالهين ۽ سوالن جو جواب ڏئي سگهندا.

سٺو ٿئي ها جيڪڏهن چونڊن لاءِ ميدان سڀني لاءِ هموار هجي ها، سڀني اميدوارن جي گهوڙن جي ڊوڙ لاءِ ٽريڪ برابر هجن ها، سڀني گهوڙن جي ڊوڙ لاءِ رڪاوٽون هڪجهڙيون هجن ها. جيئن جيئن چونڊن جا ڏينهن ويجهو اچي رهيا آهن تيئن تيئن تڪراري فيصلن جي تعداد ۾ اضافو ٿيندو پيو وڃي، جنهن جو مقصد آهي ته اسان سياسي حوالي سان اندروني امن طرف نه پيا وڌون. تنهنڪري وڏي احتياط سان اها ڳالهه چئي سگهجي ٿي ته چونڊون اسان جي خوف ۽ خدشي کي دور نه پيون ڪن ۽ نه ئي تبديليءَ جون پيغمبر آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ ۾ انساني حقن جي لتاڙ وارو الميو !

امير ڀنڀرو سڄي دنيا ۾ جتي انسانن جو نالو اچي ٿو اتي انهن جي حقن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے