18 اتوار , نومبر 2018

جهونو جوڳي ۽ ڪرنٽ افيئر

يار محمد شاهه

اڄ جهوني جوڳي مواليءَ تي طنز ڪندي چيو ته “موالي… هاڻ ڏٺئي لياريءَ وارن جو رويو… بلاول پهرئين ڏينهن جيڪو جلسو ڪڍي، لياريءَ کي پنهنجو گهر ۽ پنهنجي ماءُ ۽ ناني جا پوئلڳ ۽ انهن کي پيار ڪندڙ سمجهي اتان شروعات ڪئي ته انهن موٽ ۾ پٿر ڏنا ۽ بلاول خلاف نعرا هنيا ۽ هنن ”گو بلاول گو“ چئي دنيا کي جيڪو پيغام ڏنو آهي ان مان ته ائين لڳي ٿو ته پيپلز پارٽيءَ سان سنڌ ۾ پلاننگ تحت اهڙو رويو اختيار ڪيو پيو وڃي جنهن ۾ هر ميمبر جتي جتي وڃي پيو اتي انهن جا پنهنجا ڪارڪن جيڪي دعوتون ڏين ٿا، اهي ئي هٿ سان ۽ پلاننگ سان سندن بيعزتي ڪريو، جملا چيو، آڏيون پڇاڻيون ڪريو، انهن جي اڳيان ثبوت پيش ڪريو ۽ انهن کي ناراض ڪري روانو ٿا ڪن، جنهن مان لڳي ٿو ته هڪ وڏي سازش تحت زرداري صاحب جي سوچ جي خلاف صرف سنڌ ۾ جيڪا هن کي اليڪشن ذريعي پاور ۾ حصيداري وٺڻي آهي، ان خواب کي چڪنا چور ڪرڻ لاءِ ادارن يا انهن سازشي ماڻهن جيڪا پلاننگ ٺاهي آهي، ان موجب سنڌ ۾ پيپلز پارٽي کي اهڙو نتيجو ڏيکاريندا جنهن جو پيپلز پارٽي تصور به نٿي ڪري سگهي، هر هنڌ جتي به اهي سابق وزير ۽ ميمبر جڏهن پنهنجي حلقن ۾ پيا وڃن ته اتي ماڻهو انهن کي اهي روڊ رستا به ڏيکارين ٿا، اسڪول ۽ اسپتالون به ڏيکارين ٿا ۽ ثبوتن ۾ انهن کي فوٽو ڪڍي به ڏيکارين ٿا جنهن مان لڳي ٿو ته جيڪو فارمولو اڳ تيار ٿيو هو مائنس ٿري جو، ان تي هن اليڪشن ۾ هاڻ گهڻو ڪجهه ڪم ٿيندو ۽ ادارن وٽ جيڪو پاور آهي اهو مضبوط ٿي ويندو، ۽ ايندڙ دور ۾ ادارا ئي هن ملڪ جا واحد حڪمران هوندا، جن جي خواهشن تحت بين الاقوامي تعلقات به هلندا ۽ بين الاقوامي معاهدا به هلندا.

جمهوريت پسند ۽ جمهوريت جي نالي ۾ سياست ڪندڙ ڪردارن جيڪو پنهنجو ڪردار پيش ڪيو آهي ان مان پاڪستان جو عوام ڪنهن به سياستدان کان مطمئن ۽ خوش نه آهي، هر هنڌ چاهي پيپلز پارٽي هجي، چاهي ن ليگ هجي، چاهي پي ٽي آئي هجي، جيتوڻيڪ پي ٽي آئي وارن وٽ هڪ دور جي هڪ صوبي جي حڪومت هئي، پر عمران خان جو جيڪو پنهنجو ذاتي ڪردار آهي ان ذاتي ڪردار جي ذريعي به هن جي پارٽيءَ کي وڏو نقصان پهچي رهيو آهي، سندس ٻئي مرڪزي ساٿي پنهنجي پارٽيءَ جي خلاف جيڪي اختلاف کڻي آيا آهن انهن به گروپ بندي ڪري پارٽيءَ جي خلاف جيڪا سازش تيار ڪئي آهي تنهن جو نتيجو سمجهه ۾ اچي ٿو ته اهو نڪرندو ته هو اندران اندر هڪٻئي کي ڪيرائڻ جي ڪوشش ڪندا، اهڙي طرح ن ليگ کي ماڻهو ٽڪيٽون واپس پيا ڪن، تنهن جي معنيٰ ته اتي به جيڪو آزاد اميدوارن جو گهڻو تعداد کٽي ايندو ۽ اها پيشن گوئي واقعي زرداري صاحب ڪئي هئي ته ايندڙ دور ۾ آزاد ميمبر وڌ ۾ وڌ اسيمبلين ۾ ايندا.

عمران خان کي به ان ڳالهه جو احساس ٿي پيو آهي ته جيڪو چئي ٿو ته ڀلي اسين اڪثريت ۾ نه اچون پر اپوزيشن ۾ ويهنداسين، هاڻي ٽئي خود وڏيون پارٽيون اهو پيون سوچين ته ايندڙ دور ۾ اپوزيشن ۾ ويهجي، ادا جڏهن اقتدار جي ڪرسي ماڻڻ لاءِ توهان کان معاوضي ۾ ادارا ڪجهه گهرندا ته توهان قلم سان سڀ ڪجهه لکي ڏيندئو ۽ پوءِ توهان جو قلم ۽ توهان جو پاور ادارن جي خواهشن جو غلام ٿي پوندو ۽ پوءِ اهي ادارا جيڪي هنن جي ملڪ لاءِ بهتر سمجهندا اهو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا ۽ توهان ان جا درباري ٿي، جي حضوري ٿي رهندا، پوءِ توهان کي ملندڙ بجيٽون جيڪي به هونديون اهي توهان پنهنجي حلقي ۾ استعمال ڪرڻ بدران پنهنجن حوارين کي، پنهنجن ڪارڪنن جيڪي توهان جا چمچا هوندا انهن کي کارائي، اليڪشن ۾ حاصل ٿيندڙ پاور جو مزو ماڻيندا، هاڻ آئون صرف اهو چوندس ته جيڪڏهن عوام وٽ ضمير جو سچو فيصلو ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي ته اهو عوام جيڪڏهن اليڪشن ۾ حصو وٺڻ کان لنوائي ٿو ته پوءِ اها اليڪشن ٻيهر به ٿي سگهي ٿي، تعداد گهٽ هئڻ جي ڪري، جيڪڏهن ضمير جي خلاف فيصلو ڪري انهن ساڳين ڪرتوت ڪندڙن کي وري وڃي ٿو ووٽ ڏئي ته پوءِ يقينن اسان جو مستقبل اهڙوئي اونداهو آهي جهڙو هن وقت آهي، ۽ ايندڙ اليڪشن جي دور کان پوءِ جيڪو بک، افلاس، بيماري، پاڻيءَ جي کوٽ، زراعت جي تباهي، تعليم جي تباهي، اسپتالن جي تباهي جنهن جاءِ تي وڃي پهچندي ته باقي جيڪو پاور هو اهڙي طريقي سان ئي استعمال ڪندا ته ممڪن آهي ته اهي بلڊنگون ڊهي وڃن ۽ هي ملڪ آثار قديمه بنجي وڃي.”

مواليءَ ٿڌو ساهه ڀريندي چيو ته “ادا… چوندا آهن ته فقير دعا ڪر ۽ فقير چوندو ته بابا جهڙي نيت تهڙي مراد، يا ٻاجهر پوکي ڪڻڪ ڪانه لڻبي، ته جيڪا پوک پوکي ويئي آهي پوءِ اهائي لڻڻي پوندي، زرداري صاحب ته ويچاري سڀني ميمبرن کي پنهنجي علائقي ۾ ترقي ڪرڻ لاءِ ڏوڪڙ ڏنا ۽ ترقياتي اسڪيمون به انهن ئي موڪليون ۽ اهي ئي پاس ڪرائي انهن لاءِ پنهنجا فنڊ، وفاق جا فنڊ مخصوص ڪري هر حلقي کي ڏنا پر انهن ميمبرن اهي ٺيڪا پنهنجي مرضيءَ جي دوستن کي ڏنا جن پنهنجي حصي جي ڪميشن رکي، آفيسرن جي حصي جي ڪميشن رکي ٺيڪيدار اڌ مان اهو ٺيڪو مڪمل ڪرڻ لاءِ ڏامر بدران ربڙ کي ساڙي روڊن تي پاڻي هاري چمڪائي ڏيندا هئا ۽ اهو مهيني اندر اکڙي ويندو هو، جيڪي ويچارا اسڪول ٺهرائي ڏيندا هئا ته انهن اسڪولن ۾ جيڪو سيمنٽ استعمال ٿيندو هو ان ۾ واري وڌيڪ هوندي هئي جنهن ڪري انهن اسڪولن جون ڇتيون ڀتيون ڊهي پيون. ان ڪري سنڌ جي سڀني اسڪولن کي وري نئين سر اڏاوتن جي ضرورت آهي، سنڌ جي سمورن روڊن کي وري نئين سر اڏاوتن جي ضرورت آهي.ذاتي طرح انهن ميمبرن کي جيڪي ڏوڪڙ مليا، فائده مليا اهي صرف هنن پنهنجن سنگتن ساٿين کي کارايا، سي به اڌ مٿان ڪامورا ۽ ڪميشن وارا کائي ويا، باقي اڌ مان اهڙا روڊ رستا ئي ٺهندا جيڪي هفتي ۾ اکڙي ويندا.

ڪامريڊ سليم ٽهڪ ڏيندي  چيو ته  “ادا… مائنس ٿري وارو فارمولو ڪاميابي ڏانهن وڃي رهيو آهي، ٽئي وڏا جيڪي آهن اهي گهر ويهي رهندا، نه ته هنن جا پنهنجا ئي ڪارڪن هنن جي پارٽيءَ کي، هنن جي ڪردار کي انجام تائين پهچائيندا، ۽ اهڙو هنن کي خوار ڪندا جو ميڊيا ۾ هنن جي لاءِ هاڻ ڳالهائڻ يا اچڻ مسئلو ٿي پوندو. عمران خان ويچارو ذهني طرح ڪيڏو به هوشيار ۽ بلند هجي، مون الطاف کي ڇڏي هن کي پنهنجو ليڊر قبول ڪيو آهي، پر هاڻ جيڪو مائي تعويذن واريءَ جي پٺيان گل وڇايو ڪمري ۾ ڦيڻا پيو ان کان رکرائي ۽ شيرو ڪتي سان گڏ بيڊ روم ۾ ان مائيءَ جيڪا پرهيز گار آهي ان کي به هاڻ هو آماده پيو ڪري ته  ڪتو شيرو جيڪو آهي سو مونکي سڀني کان وڌيڪ عزيز آهي ۽ ان کان جدا نٿو ٿي سگهان، ڪير به مونکي ان کان جدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو ته آئون ان کان جدا ٿي ويندس، ڪتا گڏ به سمهارين ۽ بقول مرزا صاحب جي ته آصف زرداريءَ کي نماز پڙهڻ ته ڇا قرآن پڙهڻ به ڪونه ٿو اچي، هاڻ جيڪڏهن اسان جا ٽئي وڏا ليڊر جيڪي آهن انهن وٽ جيئن نثار چوڌري به چيو آهي ته نواز شريف ته ڪڏهن زندگيءَ ۾ ڪتاب به ڪونه پڙهيو آهي، ته پوءِ انهن جي لياقت آهي هڪڙو ڪرڪيٽر ۽ ٻه واپاري هاڻ اهي ٽئي پنهنجي مستقبل کي اونداهو ڏسن پيا ۽ اسان عوام کي ڪهڙي گناهه جي سزا ملي رهي آهي…؟؟؟ جو اهي وري اچي اسان جي منهن ۾ لڳا آهن ۽ اسين وري وڃي ووٽ انهن کي ڏيون، منهنجو ته خيال آهي ته جيڪڏهن ضمير کي زندهه رکڻو آهي ته انهن کي ووٽ ڪونه ڏبا، جن کي هينئر علائقي ۾ پادر پيا ملن، جوتا پيا لڳن، پٿر پيا لڳن ۽ مرده باد جا نعرا پيا لڳن ۽ گو گو جي رٽ لڳي پئي آهي، هاڻ انهن ليڊرن مان اسان کي سنجيدگيءَ سان هٿ ڪڍائڻو پوندو، ڇو ته بين الاقوامي طريقي سان جيڪا سازش ٿي رهي آهي ان مطابق ٻڌڻ ۾ پيو اچي ته انهن ٽنهي کي ڪمزور ڏيکاري، وري به انهن کي وفاق ۾ پاور ڏيئي، ادارا هميشه پنهنجي هٿ ۾ رکڻ چاهين ٿا، مٺ ۾ رکڻ لاءِ هميشه پنهنجي هٿ هيٺ رکڻ چاهين ٿا.

تڏهن مون چيو ته “يار… توهين اهي سڀ سچيون ڳالهيون ٿا ڪريو، اخبارن ۽ ٽي وي چينلن تي به ڳالهيون ڪوڙيون ڪونه پيون اچن، يار سڀني کي اها خبر آهي ته اسان جو وڏي ۾ وڏو وڏيرو آمريڪا آهي، استحصالي قوت تي ان جو چوڻ هلي ٿو، سڄي دنيا ۾ مسلمانن جا ملڪ هن جا غلام آهن، ۽ انهن جا حڪمران انهن جا غلام آهن، جيڪڏهن ترڪيءَ جي صدر وانگر عوام ۾ جاڳرتا مهم جاڳائي، عوام جو ساٿ وٺي ۽ ملڪ جي هر شعبي ۾ ترقي آڻڻ لاءِ تيار آهن پر اسان وٽ ڪوبه ليڊر ۽ ڪابه پارٽي ڪونهي، صرف اهي ادارا چاهين ٿا ته ايندڙ دور ۾ هي ٽئي ڄڻا ڪمزور هجن، وفاق ۾ اسان جو ساٿ ڏين، هاڻ اها پڪي خبر پئي آهي ته ادارن سان شهباز شريف واقعي اهڙو ٺاهه ڪيو آهي، جنهن ۾ اهو طي ٿيو آهي ته هاڻ اهي وڏا هڪٻئي جي پٽڪي لاهڻ ۽ گاريون ڏيڻ تان هٿ کڻندا، ۽ اهي ٽئي پارٽيون جيڪڏهن مرڪز ۾ ادارن جي هيٺ متحده حڪومت ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا ته انهن کان قرآن تي قسم کڻائي ملڪ جو سچو ساٿي ۽ سچو سرواڻ بڻجڻ لاءِ تعليم عوام جي مقدر ۾ ڏني وڃي، اها تعليم جيڪا شهر جي ٻارن کي، امير جي ٻارن کي ڏني ٿي وڃي، اهڙي تعليم ٻهراڙي جي اسڪولن ۾ ڏني وڃي.

جيڪڏهن اسان جي غيرت هوندي جاڳيل ۽ اسان جو ضمير هوندو زندهه ته پوءِ انشاء الله تعاليٰ پاڪستان جي هڪڙي ڪنڊ کان ٻي ڪنڊ تائين اسان گڏجي اهو چونداسين ته هي ملڪ اسان جو آهي، هي وطن اسلام جي نالي ۾ ٺهيو آهي، اسين سڀ هن ملڪ جا مالڪ آهيون، ۽ ڪوبه ادارو ڪوبه وڏيرو ۽ هن ملڪ جو ڪوبه نمائندو دائمي ٺيڪيدار ۽ شهنشاهه نٿو ٿي سگهي، ۽ هي عوام جو ملڪ آهي ۽ عوام گڏجي پنهنجي نگراني ۾ هر مسئلي جي نظرداري به ڪندو ۽ جڏهن اهو رويو اختيار ڪنداسون ته اسان کي ڪير به نقصان نه پهچائي سگهندو، ۽ پوءِ سڄي قوم جڏهن چوندي ته جيئي پاڪستان ۽ ادارا به چوندا ته جيئي پاڪستان ته پوءِ انڊيا کي طاقت ئي ڪانهي ۽ غير ملڪي سازشن کي اها طاقت ئي ڪانه ٿيندي جو اسان کي انهن سياسي نمائندن ۽ ادارتي نمائندن جي ذريعي ڪمزور ڪن، اسان جي جهالت کي وري دهرائين، جهالت ختم ٿيندي، علم ايندو، ايمان ايندو، ۽ وطن پرستي جو اسان ۾ جذبو هوندو ته هي ملڪ دنيا جو عظيم ترين ايٽمي ۽ اسلام ملڪ دنيا جي نقشي تي ڪر کنيو بيٺو هوندو ورنه فقير دعا ڪر ته جهڙي نيت تهڙي مراد.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ ۾ انساني حقن جي لتاڙ وارو الميو !

امير ڀنڀرو سڄي دنيا ۾ جتي انسانن جو نالو اچي ٿو اتي انهن جي حقن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے