21 بدھ , نومبر 2018

نواز شريف ايون فيلڊ ريفرنس جو فيصلو ستن ڏينهن لاءِ ملتوي ڪرڻ جي درخواست ڪري ڇڏي

Nawaz Sharif and Maryam Nawaz decided to return

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف احتساب عدالت ۾ ايون فيلڊ ريفرنس جو فيصلو ستن ڏينهن لاءِ ملتوي ڪرڻ جي درخواست داخل ڪري ڇڏي. نواز شريف جي وڪيلن جي ٽيم طرفان احتساب عدالت ۾ درخواست داخل ڪئي وئي آهي.مددگار وڪيل ايڊووڪيٽ ظافر طرفان داخل ڪيل درخواست ۾ بيگم ڪلثوم نواز جو ميڊيڪل سرٽيفڪيٽ به لڳايو ويو آهي.درخواست ۾ نواز شريف موقف اختيار ڪيو ته سندس گهرو اري بيگم ڪلثوم نواز شديد بيمار ۽ لنڊن جي هڪ اسپتال ۾ علاج هيٺ آهي، جيئن ته ڪلثوم نواز بيمار آهي تنهن ڪري هو سندس سارسنڀال آهي لنڊن ۾ موجود آهن. نواز شريف چيو ته پاڪستان اچي پيش ٿيڻ لاءِ ڪجهه وقت گهرجي، اسان فيصلو پاڻ ٻڌڻ چاهيون ٿا، تنهن ڪري فيصلو ستن ڏينهن لاءِ ملتوي ڪيو وڃي. احتساب عدالت ايون فيلڊ ريفرنس جو فيصلو سڀاڻي ٻڌائيندي. ٻئي طرف عدالت جي رجسٽرار اياز حسين زبيري نواز شريف جي درخواست اچڻ تي جج محمد بشير سان فون تي رابطو ڪيو. رجسٽرار چيو ته درخواست اسان پاڻ ئي وصول ڪندا آهيون  پر هاءِ پروفائيل ڪيس سبب جج تي سان رابطو ضروري آهي. ان موقعي تي نواز شريف جي وڪيل ظاهر خان چيو ته اڃا درخواست رڳو داخل ڪئي وئي آهي، ان تي ٻڌڻي سڀاڻي ڪئي وڃي. رجسٽرار آفيس جي هدايت تي عدالتي عملي نواز شريف جي درخواست وصول ڪندي ڊيوٽي جج کي موڪلي ڇڏي. جج محمد بشير جي موڪل سبب احتساب عدالت نمبر 2 جي جج محمد ارشد ملڪ وٽ درخواست وئي ته هن سوال ڪيو ته اها درخواست مون وٽ ڇو آندي وئي آهي. جج محمد ارشد ملڪ درخواست تي ٻڌڻي کان معذرت ڪري ڇڏي ۽ درخواست واپس عدالت نمبر هڪ جي جج محمد بشير کي موڪلي ڇڏي. ڊيوٽي جج ارشد ملڪ درخواست کي سڀاڻي ئي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪرڻ جو حڪم به ڏئي ڇڏيو جنهن بعد نواز شريف جي درخواست سڀاڻي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪئي وئي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

آرمي چيف سان ڪيمبرين پيٽرول ۾ گولڊ ميڊل کٽيندڙ ٽيم جي ملاقات

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) پاڪ فوج جي شعبي (آءِ ايس پي آر) جو چوڻ آهي ته آرمي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے