19 پیر , نومبر 2018

موبائيل ڪارڊز تي ٽيڪس ايندڙ حڪم تائين معطل رکڻ جو حڪم

the Supreme Court ruled against the tax on mobile cardsاسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ مهانگائي جي ستايل شهرين کي خوشخبري ٻڌائيندي موبائيل فون ڪارڊز ۽ لوڊ تي ڳرن ٽيڪسن کي ايندڙ حڪم تائين معطل رکڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهيءَ ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽه رڪني بئنچ موبائيل فون بيلنس تي ٽيڪس بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. عدالت حڪم ڏنو ته موبائيل ڪارڊز تي ٽيڪس ايندڙ حڪم تائين معطل رهندي. چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته سپريم ڪورٽ موبائيل ڪارڊز تي ٽيڪس رڳو 10 ڏينهن لاءِ معطل نه ڪئي آهي. عدالتي حڪم جي روشني ۾ شهرين کي 100 رپين جي ري چارج تي 100 رپيه بيلنس ملندو رهندو. چيف جسٽس ميان ثاقب نثار موبائيل فون ڪارڊز تي ٽيڪس جي ڀرمار جو پاڻمرادو نوٽيس وٺندي معطل ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو. ايف بي آر  عدالتي حڪم تي عملدرآمد ڪندي موبائيل بيلنس تي سمورن ٽيڪسن کي فوري طور معطل ڪري ڇڏيو هو. شروعاتي طور تي چيو ويو ته ٽيڪسن کي 15ڏينهن لاءِ معطل ڪيو ويو آهي پر هاڻي چيف جسٽس ٽيڪسن کي ايندڙ حڪم تائين معطل ڪري ڇڏيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

فوجي طاقت سان ڪشميرين جي جدوجهد کي دٻائي نٿو سگهجي: علي امين گنڊاپور

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڪشمير جي معاملن بابت وزير علي اميد گنڊاپور والاريل وادي ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے