14 بدھ , نومبر 2018

گلوڪار علي ظفر جي درخواست تي ميشا شفيع کي ٻيهر پيش ٿيڻ لاءِ نوٽيس جاري

لاهور( ويب ڊيسڪ ) لاهور جي عدالت گلوڪاره ۽ ماڊل ميشا شفيع خلاف علي ظفر طرفان داخل ڪيل ساک کي نقصان پهچائڻ جي دعويٰ جي ٻڌڻي دوران جواب داخل نه ڪرائڻ تي  ميشا شفيع کي طلب ڪرڻ جو نوٽيس سندس گهر ٻاهران لڳائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. ايڊيشنل سيشن جج شهزاد احمد ميشا شفيع خلاف ساک کي نقصان پهچائڻ جي دعويٰ تي ٻڌڻي ڪئي پر عدالتي حڪم باوجود ميشا شفيع جواب داخل نه ڪرايو آهي. مختصر ٻڌڻي بعد عدالت طلبي جو نوٽيس ميشا شفيع جي گهر جي دروازي تي لڳائڻ جو حڪم ڏيندي گلوڪاره کي 13 آگسٽ لاءِ ٻيهر نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو، جڏهن ته ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪئي وئي آهي. علي ظفر پنهنجي نوٽيس ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته ميشا شفيع ڪوڙي شهرت لاءِ مٿس هيسائڻ جا ڪوڙا الزام هنيا جنهن سبب سموري دنيا ۾ سندس ساک متاثر ٿي. علي ظفر پنهنجي درخواست ۾ چيو ته عدالت ميشا شفيع کي 100 ڪروڙ رپيه ڏنڊ جو حڪم جاري ڪري.

هي به ڏسي سگهو ٿا

مشرف ڪيس: اشتهاري جوابدار جي سرينڊر ڪرڻ تائين درخواست نٿا ٻڌي سگهون: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عامر فاروق چيو آهي ته جيستائين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے