21 بدھ , نومبر 2018

پاڪستاني فلمن جي معيار ثابت ڪيو آهي ته اهي ڪنهن کان گهٽ ناهن: مهرين سيد

لاهور(شوبز نيوز) مشهور اداڪارا ۽ ماڊل مهرين سيد چيو آهي ته پاڪستاني رفلمن جي معيار ثابت ڪيو آهي ته اهي ڪنهن کان گهٽ ناهن. جڏهن ته هڪ تقريب دوران اداڪاران جو چوڻ هو ته ماضي ۾ پاڪستاني  فلمون ڏسڻ وارن جو انگ وڌيڪ هو پر هڪ دور  اهڙو به آيو   جو فلمن جي معيار تي ڌيان نه ڏنو ويو جنهن سبب نگار خان ويران ۽ سينيما گهر تباهه  ٿي ويا هئا. ڪاروبار نه هئڻ سبب هزارين ماڻهو بيروزگار  ٿيا پر تمام گهڻا ملڪ بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويا ان صورت حال ۾ اميد جي ڪا به ڪرڻ نظر نه آئي هئي ڇو ته فلم سان ڳنڊيل اڪثريت هن شعبي کان  پري ٿي چڪي هئي  ۽ جيڪي ماڻهو هن سان لاڳاپيل هيا. اهي به هن ڪاروبار مان مايوس ٿي چڪا هئا. ان وقت صورتحال ۾ بلڪل الگ ٿي چڪي هئي.  مهرين سيد چيو ته هتي اسان وٽ سٺيون ۽ معياري فلمون پروڊيوس ڪيون پيون  وڃم ۽ پڙهيل لکيل نوجوانن جو گهڻو تعداد هن شعبي کي گهڻو اپنائي رهيا آهن هن چيو ته  تمام شعبن جي طرح سان فلم انڊسٽري جي ترقي به هن وقت ممڪن ٿي سگهي ٿي جيسيتائين ان جي ڪمانڊ نوجوان جي هٿ ۾ نٿي اچي  سگهي .

هي به ڏسي سگهو ٿا

فوٽو گرافر طرفان ڀاڄائي چوڻ تي دپيڪا پڊوڪون ٻهڪي پئي

ممبئي(شوبز نيوز) دپيڪا پڊوڪون ۽ رنوير سنگهه تي ٻڌل بالي ووڊ جو دلڪش جوڙو گذريل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے