16 جمعہ , نومبر 2018

نقيب الله قتل ڪيس: رائو انوار جي ٻن ڪيسن ۾ ضمانت جي درخواستن تي فيصلو محفوظ

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) دهشتگرديءَ جي خاتمي واري عدالت نقيب الله قتل ڪيس جي مرڪزي جوابدار رائو انوار جي ٻن ڪيسن ۾ ضمانت واري درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو آهي. دهشتگرديءَ جي خاتمي واري عدالت نقيب الله قتل ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي جنهن دوران جوابدار اڳوڻو  ايس ايس پي ملير رائو انوار عدالت جي روبرو پيش ٿيو. عدالت جوابدار جي ٻن ڪيسن ۾ ضمانت جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو.  رائو انوار تي قتل، اغوا جي الزام سميت ٻي ڪيس ۾ ڌماڪيدار مواد ۽ غير قانوني هٿيار رکڻ جو الزام آهي. نقيب الله قتل ڪيس جي جاچ آفيسر ايس ايس پي ڊاڪٽر رضوان ميڊيا سان غير رسمي طور ڳالهائيندي چيو ته نقيب الله ڪيس جي مفرور جوابدارن جي ڳولا جاري آهي جيڪي نهايت بااثر  آهن ۽ هنن بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن.  هن چيو ته سمورن ادارن کان مفرور جوابدارن جا سفري دستاويز طلب ڪيا آهن جيڪا اڃا تائين نه مليا آهن، جڏهن ته عدالت کي سموري صورتحال کان آگاهه ڪيو ويو آهي.  ڊاڪٽر رضوان چيو ته مفرور جوابدارن جي عدم گرفتاري ۾ رائو انوار جو به اثر رسوخ آهي پر اسان ايمانداري سان شاهديون گڏ ڪري عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏيون آهن. هن چيو ته  رائو انوار جي گرفتاري بعد ماڻهن ۾ تحفظ جو احساس وڌي ويو آهي، 13 جنوري بعد شهر ۾ مقابلن ۽ ڀنگ لاءِ اغوا جي وارداتن ۾ به گهٽتائي ٿي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سي ڊي اي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر اياز خان گم ٿيڻ جي ترديد ڪري ڇڏي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد مان پراسرار نموني گم ٿيل سي ڊي اي جي ڊپٽي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے