17 ہفتہ , نومبر 2018

نيوز: مٽياري: اليڪشن  جي ضابطه اخلاق تي عملدرآمد ڪرائڻ لاءِ اجلاس

Matiari: Action on the regulations of Election*مٽياري ۾ اليڪشن ضابطه اخلاق تي عملدرآمد ڪرائڻ لاءِ مٽياري ضلعي جي هڪ قومي ۽ ٻن صوبائي تڪن جي اميدوارن جي گڏجاڻي ڊسٽرڪٽ مانيٽرنگ آفيسر ۽  ڊپٽي ڪمشنر مٽياري ڪيپٽن (ر) الطاف حسين ساريو جي صدارت هيٺ ٿي.

اجلاس ۾ رٽرننگ آفيسر نديم احمد آخوند ، ليفٽيننٽ ڪرنل ظهير ، ڊويزنل اليڪشن ڪمشنر اعجاز احمد چوهاڻ، ايس ايس پي مٽياري سيد زاهد حسين شاهه ۽ ٻين شرڪت ڪئي .

اجلاس ۾ ضلعي جي 70 انتهائي حساس پولنگ اسٽيشنن تي آرمي، رينجرز، پوليس نفري وڌيڪ مقرر ڪرڻ کانسواءِ  هر پولنگ اسٽيشن تي پاڪ آرمي جا جوان مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو .

ان موقعي تي اميدوارن تي واضع ڪيو ويو ته ضابطه اخلاق هڪ مڪمل قانون جي حيثيت رکي ٿو جنهن جي ڀڃڪڙي ڪندڙ اميدوارن تي 50 هزار ڏنڊ مڙهڻ کان ويندي اميدوارن کي نااهل پڻ قرار ڏئي سگهجي ٿو

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ | لاڙڪاڻو: موٽر سائيڪل جي ون ويلنگ 2 حياتيون کسي ورتيون

لاڙڪاڻي ۾ موٽر سائيڪل جي ون ويلنگ دوران ٽڪر لڳڻ ڪري زال ۽ مڙس ٿڏي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے