21 بدھ , نومبر 2018

ايگزيڪٽ جعلي ڊگري ڪيس: شعيب شيخ کي مجموعي طور 20 سال قيد جي سزا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ايگزيڪٽ جعلي ڊگري ڪيس ۾ شعيب شيخ سميت ٻين جوابدارن کي مجموعي طور 20 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي آهي. اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ ايگزيڪٽ جعلي ڊگري ڪيس ۾ محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو، جنهن ۾ شعيب شيخ سميت 23 جوابدارن کي 7 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي آهي، جڏهن ته عائشا شعيب شيخ سميت 3 ڄڻن کي آزاد ڪيو ويو آهي. عدالت پنهنجي فيصلي ۾ شعيب شيخ سميت سمورن جوابدارن کي مجموعي طور 20 سال قيد جي سزا ٻڌائي. شعيب شيخ ۽ ٻين جوابدارن کي قلم 417 تحت 7 سال قيد ۽ 5 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي وئي. قلم 468 تحت 7 سال قيد ۽ 5 لک رپيا ڏنڊ، جڏهن ته قلم 420 تحت 3 سال قيد ۽ 2 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي وئي، ان سان گڏوگڏ قلم 419 تحت 3 سال قيد ۽ هڪ لک رپيو ڏنڊ به لاڳو ڪيو ويو. عدالت پنهنجي حڪم نامي ۾ چيو آهي ته سموريون سزائون گڏ لاڳو ٿينديون، جڏهن ته جوابدارن کي مني لانڊرنگ ۽ اليڪٽرانڪ ڪرائم جي الزامن مان بري قرار ڏنو ويو آهي. واضح رهي ته آمريڪي اخبار نيو يارڪ ٽائمز 2015ع ۾ ايگزيڪٽ جي جعلي ڊگرين جو انڪشاف ڪيو هو، جڏهن ته چيف جسٽس آف پاڪستان ايگزيڪٽ جعلي ڊگري اسڪينڊل جو پاڻ مرادو نوٽيس ورتو هو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ٽرمپ جي بيان تي پاڪستان جي سخت احتجاج تي آمريڪي اختيارين جو پاڪستان سان رابطو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي بيان تي پاڪستان جي سخت رد عمل ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے