13 منگل , نومبر 2018

فخر زمان هلندڙ سال وڌيڪ ٽي 20 رنسون ٺاهيندڙ بيٽسمين بڻجي ويو

هراري (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو اوپننگ بيٽسمين فخر زمان هلندڙ سال سڀ کان وڌيڪ ٽي ٽوئنٽي رنسون ٺاهيندڙ بيٽسمين بڻجي ويو آهي. فخر زمان اهڙو اعزاز هراري ۾ جاري ٽه ملڪي سيريز جي پنجين ميچ ۾ آسٽريليا خلاف شاندار اننگز کيڏي حاصل ڪيو. هن ڪينگروز خلاف 73 رنسن جي تيز ترين اننگز کيڏي، جنهن کانپوءِ هو هلندڙ سال سڀ کان وڌيڪ ٽي ٽوئنٽي رنسون ٺاهيندڙ بيٽسمين بڻجي ويو آهي. فخر زمان هلندڙ سال 12 ميچن ۾ 3 ففٽين جي مدد سان 425 رنسون ٺاهي ٽاپ تي آهي، جڏهن ته ان فهرست ۾ ڀارتي اوپنر شيکر ڌون جو ٻيو نمبر آهي، جنهن 419 رنسون ٺاهيون آهن. آسٽريلوي ڪپتان ايرون فنچ 414 رنسن سان ٽئين، جڏهن ته ڪيوي بيٽسمين مارٽن گپٽل 410 رنسن سان چوٿين نمبر تي آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

وومينز ورلڊ ٽي ٽوئنٽي: ڀارت پاڪستان کي هارائي ڇڏيو

پراويڊينس( اسپورٽس نيوز ) عورتن جي ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ ۾ پاڪستان وومين کي لڳاتار …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے