15 جمعرات , نومبر 2018

خبردار، فرج ۾ رکيل سبزين جو استعمال موت جو ڪارڻ بڻجي سگهي ٿو

لنڊن (ويب ڊيسڪ) غذائن جي معيار تي نظر رکندڙ اداري خبردار ڪيو آهي ته فرج ۾ رکيل سبزيون استعمال ڪرڻ سان ماڻهو مري سگهي ٿو. فوڊ اسٽينڊرڊ ايجنسي هڪ رپورٽ جاري ڪئي آهي، جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سڄي دنيا، خاص طور يورپ ۾ فريز ڪيل سبزيون استعمال ڪرڻ سان ماڻهن جي موت ۾ اضافو ٿيو آهي. اداري طرفان جاري ڪيل رپورٽ موجب تحقيق دوران اها ڳالهه سامهون آئي ته ڄميل سبزيون انساني جسم ۾ وڃي جراثيم (بيڪٽيريا) پيدا ڪنديون آهن، جنهن سبب انسان موت جي منهن ۾ هليو ويندو آهي. رپورٽ موجب 2015 ۾ رڳو برطانيا ۾ 11، جڏهن ته آسٽريليا، ڊنمارڪ، فن لينڊ ۽ سوئيڊن ۾ اهڙا 47 ڪيس سامهون آيا، جن مان 9 ماڻهو حياتيءَ جي جنگ هارائي ويا، جڏهن ته ٻين مريضن کي پڻ وڏين ڪوششن سان بچايو ويو. اداري خاص طور ڳورهاري عورتن کي خبردار ڪيو آهي ته اهي فرج ۾ رکيل سبزين جو استعمال فوري طور بند ڪري ڇڏين، ڇو ته اهي ماءُ ۽ ٻار ٻنهي لاءِ خطرناڪ آهن.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

دل جي ڪيفيت معلوم ڪرڻ وارو اي سي جي طرح سمارٽ فون ايپ ايجاد

لنڊن(ويب ڊيسڪ) دل جي دوري کي معلوم ڪرڻ لاءِ سڀ کان پهريان اي سي جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے