16 منگل , اکتوبر 2018

نيوز: ڪراچي: ايس يو پي اميدوار بيدل مسرور ۽ محبوب عباسي چونڊ مهم تيز ڪري ڇڏي

Karachi: SUP candidate Badal Masur and Mehboob Abbasi picked up the election campaignڪراچي جي سچل ڳوٺ واري علائقي ۾ايس يو پي اميدوار بيدل مسرور ۽ محبوب عباسي گهر گهر وڃي هينڊ بل ورهايا، سندن چوڻ آهي ته حڪمرانن عوام جو ڪو به مسئلو حل ناهي ڪيو، هڪ ڀيرو سنڌ لاءِ ووٽ ڏيڻ گهرجي.

اين اي 242 جي اميدوار بيدل مسرور ۽ پي ايس 100 جي اميدوار محبوب عباسي سچل ڳوٺ ۾ عوامي رابطا مهم دوران گهر گهر وڃي هينڊ بل ورهايا.

ايس يو پي اميدوارن سچل ڳوٺ جي سماجي اڳواڻ جعفر حسين لاکي جي پڦڙ جي لاڏاڻي تي تعزيت پڻ ڪئي، جنهن بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي بيدل مسرور ۽ محبوب عباسي چيو ته سالن کان ووٽ وٺندڙ حڪمرانن عوام جو ڪو به مسئلو حل نه ڪيو آهي.

هنن چيو ته مسئلا حل نه ڪرڻ سبب ووٽر اقتدار ۾رهندڙ نمائندن کان سخت پڇاڻو ڪري رهيا آهن.

سندن چوڻ هو ته عوام پاران کين ڀرپور موٽ ۽ محبتون هنن جي ڪاميابي جو پهريون ڏاڪو آهي.

ايس يو پي اميدوارن جو چوڻ هو ته هاڻ سنڌ واسين کي ووٽ سنڌ لاءِ ڏيڻ گهرجي ٻي صورت ۾ڪڏهن به مسئلا حل نه ٿيندا.

رابطا مهم دوران ايس يو پي اميدوارن سان صغير کٽياڻ ۽ ٻيا اڳواڻ پڻ گڏ هئا…………………

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز| دولتپور صفن: آبادگارن  پاران پاڻي کوٽ خلاف بک هڙتال

*دولتپور صفن  ۾ آبادگارن ۾ پاڻي کوٽ خلاف علامتي بک هڙتال شروع ڪئي وئي. قومي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے