20 منگل , نومبر 2018

نيوز: اوٻاوڙو: جي ڊي اي وٽ عوام جي خوشحالي جو ڪو به پروگرام ناهي: بلاول ڀٽو زرداري

Obawro: JDA have no such program for people happiness: Bilawal Bhutto Zardari* اوٻاوڙي ۾ چونڊ مهم جي سلسلي ۾ ريلي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جي ڊي اي وٽ عوام جي خوشحالي جو ڪو به پروگرام ناهي .

هن چيو تھ هر اليڪشن ۾ پي پي خلاف اتحاد ٺهندا آھن جن کي عوام رد ڪري ڇڏيندو آھي.

پ پ چيئرمين چيو ته 25 جولاءِ تي عوام تير تي ٺپو هڻي ثابت ڪندو ته پ پ وٽ ئي سندن مسئلن جو حل موجود آهي .

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هاڻي چونڊن ۾ ڪاميابي بعد هارين کي ڪسان ڪارڊ ۽ عورتن کي روزگار ڪارڊ ۽ صحت ڪارڊ ڏنو ويندو .

هن اوٻاوڙي واسين کي اپيل ڪئي ته هو ڄام مهتاب ڏھر ۽ خالد احمد  لنڊ کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪن

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: هاڻوڪي حڪومت ملڪ ۾ مهانگائي جو سونامي آندو آهي: بلاول

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ٻين پارٽين جي سياست انهن تي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے