16 جمعہ , نومبر 2018

ايپل ڪمپني آءِ فون جا رنگين ماڊل متعارف ڪرائڻ لاءِ تيار

Apple Company Ready to introduce the colorful model of iPhonesڪراچي(ويب ڊسڪ) جديد دور ۾ ڪجهه واهپيدارن ٽيڪنالوجي ۾ پڻ فيشن کي ترجيح ڏيندا آهن ۽ اهڙين ئي واهپيدران لاءِ اطلاع آهي ته جلد ئي ايپل آءِ فون جي نئين ماڊل کي اضافي خاصيتن ۽ منفرد رنگن سان گڏ پيش ڪرڻ واري آهي. ٽيڪنالوجي ويب سائٽ ڪرنچ هڪ سپلائي چين رپورٽڻ جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته آءِ فون جي ٽن نون ماڊل جلد متعارف ڪرايا ويندا. اهو سمورا نوان ماڊل اسٽائلش هئڻ سان گڏ پائيدار پڻ هوندا جن ۾ پهريون 5.8 انچ آءِ فون ايڪس هوندا جنهن قيمت گهٽ هوندي. ٻيو 6.5 انچ آءِ فون ايڪس پلس هوندا جنهن ۾ او ايل اي ڊي جي اسڪرين فراهم ڪئي ويندي. جڏهن ته ٽيون 6.1 انچ آءِ فون هوندو جنهن ۾ فيس آءِ ڊي جو خاص فيچر شامل هوندا ۽ اهو گري، اڇي، ڳاڙهي، نيري ۽ نارنگي رنگ ۾دستياب هوندو. رپورٽ موجب سمارٽ فون مارڪيٽ ۾ وڌيڪ اڇي ۽ ڪاري رنگ جا ماڊل متعارف ٿيندا آهن جن کان واهپيدار هاڻ ڇٽڪارو حاصل ڪرڻ چاهن ٿا، ان ڳالهه ئي نظر ۾ رکندي آءِ فون جي نون رنگين ماڊلن جي تياري شروع ڪئي پئي وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سام سنگ جي پهرين فولڊ ايبل سمارٽ فون جي قيمت سامهون اچي وئي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)دنيا جي مشهور سمارٽ فون جي ڪمپني  سام سنگ گذريل هفتي هڪ تقريب ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے