18 اتوار , نومبر 2018

لاهور هاءِ ڪورٽ بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف علي زرداري جي نااهلي واري درخواست رد ڪري ڇڏي

Lahore High Court rejected Bilawal Bhutto's petition against Bilawal Bhutto Zardari and Asif Ali Zardariلاهور(ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرادري ۽ پيپلز پارٽي پارليامنٽيرين جي سربراهه آصف علي زرادري جي نااهلي لاءِ درخواست رد ڪري ڇڏي. لاهور هاءِ ڪورٽ اقبال حيدر طرفان پاڪستان پيپلزپارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ پيپلز پارٽي پارليامنٽيرين جي چيئرمين آصف علي زرداري جي نااهلي لاءِ داخل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته بلاول ڀٽو زرداري پيپلز پارٽي جي منشور تي پيپلز پارٽي پارليامنٽيرين جي چونڊ نشان تير جو استعمال ڪيو. سندس اهڙو قدم الڪيشن ايڪٽ جي سيڪشن 215 جي ذيلي شق 3 جي ڀڃڪڙي آهي. پيپلز پارٽي پارليامنٽيرين جي سربراهه آصف علي زرداري پيپلز پارٽي جي جهنڊي کي استعمال ڪري رهيو آهي ۽ سندس اهو قدم اليڪشن ايڪٽ جي سيڪشن 200 جي ذيلي شق جي ڀڃڪڙي آهي، قانون تحت ڪا به سياسي جماعت ڪنهن ٻي جماعت جو جهنڊو ۽ چونڊ نشان استعمال نٿي ڪري سگهي.  عدالت بلاول ڀٽو ۽ آصف علي زرداري قانون جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي نااهل قرار ڏئي.  جنهن تي لاهور هاءِ ڪورٽ درخواست ٻڌڻي جي قابل هئڻ يا نه هئڻ بابت فيصلو محفوظ ڪيو، عدالت درخواست ٻڌڻي جي قابل نه هجڻ سبب خارج ڪري ڇڏي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪراچي ۾ مڇريل ماڻهن جو اينٽي انڪروچمنٽ ٽيم تي حملو، آفيسر ڀڄي جان بچائي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي صدر ايمپريس مارڪيٽ ۾ حددخلين خلاف آپريشن ڪندڙ ٽيم …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے