16 جمعہ , نومبر 2018

خواهش آهي ته حياتي تي ٺهندڙ فلم ۾ شاهد ڪپور منهنجو ڪردار ادا ڪري: محمد عامر

Shahid Kapoor plays my role in a fascinating movie: Muhammad Amirهراري(اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اسٽار فاسٽ بالر محمد عامر پنهنجي حياتي تي” بائيوپڪ“ لاءِ ڀارتي اداڪار جي چونڊ به ڪري ڇڏي، هن چيو ته جيڪڏهن سندس حياتي تي فلم ٺاهي وئي ته سندس ڪردار لاءِ شاهد ڪپور بهترين چونڊ هوندو.  ويجهڙائي ۾ ئي وفات ڪري ويل سائنسدان اسٽفن هاڪنگ کي هن پنهنجي پسنديدا شخصيت قرار ڏنو، هن چيو ته پيءُ جو فرض نڀائڻ ورات ڪوهلي سامهون بالنگ هلائڻ کان وڌيڪ ڏکيو ڪم آهي. هراري ۾ پرڏيهي خابرو اداري کي انٽرويو ڏيندي فاسٽ بالر چيمپيئنز ٽرافي جي فائنل ۾ ورات ڪوهلي کي آئوٽ ڪري هڪ پاسي ڀارتي بيٽنگ لائن جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي هئي، پر هن ان کان به وڌيڪ مشڪل ڪم پيءُ جو فرض نڀائڻ کي قرار ڏنو آهي. کيس هڪ 9 مهينن جي نياڻي منسا آهي، هن چيو ته سندس لاءِ والد بڻجڻ وڌيڪ چيلنجنگ ثابت ٿيو ڇو ته ان جي ذميداري سڀ کان وڌيڪ آهي.  محمد عامر آسٽريليا جي اڳوڻي ڪپتان اسٽيون سمٿ کي وڌيڪ مشڪل بيٽسمين قرار ڏنو ۽ جڏهن کائنس سوال ڪيو ويو ته هو ڪرڪيٽ جي تاريخ جي ڪهڙي بيٽسمين اڳيان بالنگ ڪرڻ پسند ڪندو ته هن اڳوڻي ويسٽ انڊين ڪپتان برائن لارا  جو نالو وٺندي چيوته هن لارا جون جيڪي ويڊيو ڏٺيون آهن ان مان سٺي نموني اندازو لڳايو آهي هو پنهنجي دور جو مشڪل ترين بيٽسمين هو. عالمي ڪرڪيٽ کان سواءِ ڪنهن شخصيت کي پسند ڪرڻ جي حوالي سان پڇيل سوال جي جواب ۾ اسٽار فاسٽ بالر اسٽفن هاڪنگ جو نالو ورتو جيڪو هڪ خطرناڪ بيماري ۾ مبتلا هئڻ باوجود سائنس جي دنيا ۾ وڏو نالو ڪمايو.  فاسٽ بالر چيو ته هو اهڙن ماڻهن کي پسند ڪندو آهي جيڪي پنهنجي زندگي ۾ مختلف رڪاوٽو پار ڪري ڪاميابي حاصل ڪندا آهن، ويجهڙائي ۾ سندم گهرواري نرجس سائنسدان اسٽفن هاڪنگ جي باري ۾ ٻڌايو ته جنهن گهمڻ ڦرڻ ۽ ڳالهائڻ جي سگهه کان محروم هئڻ باوجود عالمي سائنس ۾ پنهنجو هڪ الڳ مقام ٺاهيو. هن وقت تائين عالمي ڪرڪيٽ ۾ 213 وڪيٽون حاصل ڪندڙ محمد عامر ٽنهي فارميٽن ۾ هيٽرڪ ڪرڻ جو خواهشمند آهي، ان سان گڏ ئي سندس خواهش آهي ته نوبال تي فري هٽ وارو قانون ختم ٿيڻ گهرجي، محمد عامر کي باليووڊ فلم انڊسٽري سان پڻ خاص لڳاءُ آهي ۽ هو چاهي ٿو ڪڏهن به سندس حياتي تي فلم ٺاهي وئي ته ان ۾ سندس ڪردار باليووڊ سپر اسٽار شاهد ڪپور ادا ڪري، عامر خان جيڪا آخري باليووڊ فلم ڏٺي هئي اها پدماوت هئي جنهن ۾ شاهد ڪپور پڻ شامل هو، عامر اهو پڻ ٻڌايو ته هو فٽبال جو پڻ تمام وڏو مداح آهي ۽ ارجنٽينا جي سرگيو اگوئيرو کي پسند ڪندو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Pakistan inaugurates first AstroTurf cricket stadium in Balochistan

پاڪستان جي پهرين آسٽروٽرف ڪرڪيٽ اسٽيڊيم جو افتتاح

چمن ( اسپورٽس نيوز ) بلوچستان جي شهر چمن ۾ ڪمانڊر سدرن ڪمانڊ ليفٽيننٽ جنرل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے